شگر، بلڊپريشر ۽ ٻين بيمارين کان حفاظت، وزن ۾ لاٿ ۽ خوبصورتي جو ضامن سستو ۽ سولو کاڌو

الله نه ڪري پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو بيمار ٿيندو آهي ته انکي ڪا به ڳالهه ناهي وڻندي، ٿوري بخار ۾ به گهڻي ڪمزوري ٿي ويندي آهي ويتر دوائن کائڻ جي ڪري وات جو ذائقو اهڙو ٿي ويندو آهي جو سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ شيون به کائڻ تي دل ناهي چوندي. ان لاءِ اهڙو کاڌو کائڻ گهرجي جيڪو ڪمزوري ختم ڪري جلدي تازو توانو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

ڪڇ ان حوالي سان تمام عام ۽ سولي خوراڪ آهي، اهو بيمارن لاءِ ايترو فائديمند آهي جو ماڻهو انکي چوندا ئي بيمارن جو کاڌو آهن پر حقيقت ۾ ائين ناهي اهو رڳو بيمار ماڻهن جي لاءِ ناهي پر اهو تمام صحتمند ماڻهن لاءِ ته بيمارن ماڻهن کان به وڌيڪ ضروري آهي.

اهو ان لاءِ ته جيڪو ماڻهو بيمار هوندو آهي اهو ته بيمار ٿي پيو، ڪڇ ان کي طاقت ته ڏيندو پر اهو وقت واپس نه آڻي سگهندو جنهن وقت هو ان بيماري کان محفوظ هيو، ها بيماري کان بچائي ضرور سگهي ٿو.

انڪري جيڪي ماڻهو بيمار هوندا آهن اهي بيماري مان جند ڇڏائڻ لاءِ ته ڪڇ کائن ئي کائن پر صحتمند ماڻهن کي به مختلف بيمارين ۽ وزن ۾ لاٿ آڻڻ جي لاءِ ڪڇ ضرور کائڻ گهرجي ڇو ته اهو رڳو بيمارن جو کاڌو ناهي، جون مان ٺهندڙ اهو کاڌو هر ماڻهو جي لاءِ تمام بهترين آهي.

ڪڇ کي کير توڙي پاڻي يا وري ٻنهي سان گڏ ٺاهي سگهجي ٿو، اهو بيمارن جو کاڌو ناهي پر اهو بيمارين کان بچڻ ۽ صحتمند رهڻ جو ذريعو آهي. اها هڪ اهڙي نرم خوراڪ آهي جيڪا صحت جا ڪيترائي فائدا فراهم ڪري ٿي.

اچو ته توهان کي ٻڌايون ته نيراني ڪڇ کائڻ جا صحت لاءِ ڪيترائي فائدا آهن.

غذائيت سي ڀرپور

ڪڇ ڪيترن ئي اهم خوراڪ وارين شين جو اڪيلو ۽ بهترين ذريعو آهي، ان ۾ فائبر، پروٽين، ميگنيشيم، فاسفورس ۽ زنڪ موجود آهن. جڏهن ته اينٽي آڪسيڊنٽس جو به ججهو مقدار هجي ٿو جيڪو توهان کي فري ريڊيڪلز نالي نقصانڪار ماليڪيولز سان ٿيندڙ نقصانن کان بچائيندو آهي.

قبضي جي شڪايت ختم ڪري ٿو

قبضي کي سڀني بيمارين جي جڙ چيو ويندو آهي. ان جي ڪري اسان ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا ٿي سگهون ٿا. جيئن ته ڪڇ ۾ فائبر جو ججهو مقدار هوندو آهي اهو اسان جي آنڊن جي حرڪت کي ڪنٽرول ڪندو آهي انڪري اهو قبضي جي لاءِ تمام فائديمند آهي. جيڪڏهن توهان ڪڇ کي پنهنجي روزاني جي خوراڪ ۾ شامل ڪيو ٿا ته توهان قبضي جهڙي خطرناڪ بيماري کان محفوظ رهي سگهو ٿا.

رت ۾ شگر ليول تي ضابطو

ڪڇ گهٽ ڪليسميڪ انڊيڪس واري خوراڪ آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو رت ۾ شگر جي سطح کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته ڪڇ خاص ڪري شگر جي مريضن لاءِ تمام ضروري آهي. ڇو ته اهو رت ۾ شگر جي واڌ کي روڪڻ ۾ وڏي مدد ڏيندو آهي.

ڪوليسٽرول گهٽائي ٿو

ڪڇ بيٽاگلوڪن نالي فائبر جي هڪ قسم سان به ڀرپور هوندو آهي جيڪو ايل ڊي ايل ڪوليسٽرول جي سطح کي گهٽائيندو آهي. ان سان بلڊ پريشر کي گهٽ ڪرڻ سميت دل جي بيمارين ۽ فالج جي خطرن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي.

وزن ۾ لاٿ

ڪڇ هڪ پيٽ ڀريندڙ خوراڪ آهي جيڪو توهان کي گهڻي دير تائين پيٽ ڀريل محسوس ڪرائي ٿو. ان سان ڪيلوريز جي گڏيل انگ کي گهٽائڻ ۽ وزن ۾ لاٿ ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملندي آهي.

خوبصورتي

آمريڪن اڪيڊمي آف ڊرماٽالاجي ڪڇ چهري جي پي ايڇ ليول جي لاءِ تمام ضروري آهي ۽ اهو اسان جي چهري تي گهم برقرار رکندو آهي انڪري ان جو استعمال اسان جي خوبصورتي يا بيهڪ برقرار رکڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.