حمل دوران واڱڻ ڇو نه کائڻ گهرجي، اهو ڪهڙا نقصان پهچائي ٿو؟

حمل دوران عورتون اڪثر پنهنجي خوراڪ بابت مونجهاري جو شڪار رهنديون آهن ۽ خوراڪ جو خيال نه رکڻ سبب انهن مسئلن کي منهن ڏئي سگهن ٿيون.

حمل دوران عورتون جيڪو به کاڌو کائينديون آهن، ان جو سڌي ريت ٻار تي به اثر پوندو آهي، ان دوران گهڻو گرم کائيندي، ٿڌو کائيندي ۽ کٽو کائيندي ڪجهه ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي.

حمل دوران واڱڻ جي استعمال جي حوالي سان به مختلف تحقيقن ۽ مطالعن ۾ مختلف رايا آهن پر اهو خيال ڪيو ويندو آهي ته حمل دوران واڱڻ نه کائڻ گهرجي، ڇو ته اهو سنگين مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو.

اچو تفصيل سان ڄاڻيون ته حمل دوران واڱڻ کائڻ کان پاسو ڇو ڪرڻ گهرجي؟

واڱڻ ۾ معدنيات، وٽامنز ۽ جسم لاءِ ڪيترائي ٻيا جزا هوندا آهن پر ماهرن جا ان جي استعمال جي حوالي سان مختلف رايا آهن.

ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته واڱڻ ۾ فائٽو هامونز جو وڌيڪ مقدار هوندو آهي، جيڪو حمل دوران مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو، حمل دوران واڱڻ جو گهڻو استعمال هر هر پيشاب اچڻ جي مسئلي جو ڪارڻ به بڻجي سگهي ٿو، ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن ڳورهاريون عورتون واڱڻ جو وڌيڪ مقدار ۾ استعمال ڪنديون ته اهو ماهواري کي تيز ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو، تنهن ڪري ماهر سدائين صلاح ڏيندا آهن ته حمل دوران واڱڻ جي گهڻي استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

ماهرن موجب حقيقت ۾ واڱڻ ۾ موجود فائٽو هامونز ماهواري جي تحريڪ کي وڌائي سگهن ٿا، تنهن ڪري حمل دوران واڱڻ کائڻ کان پرهيز ڪرڻ جي صلاح ڏني ويندي آهي.

حمل دوران واڱڻ جو وڌيڪ استعمال عورتن ۾ تيزابيت جي مسئلن جو ڪارڻ به بڻجي سگهي ٿو، واڱڻ کي هضم ٿيڻ ۾ گهٽ وقت لڳندو آهي ۽ ان جو وڌيڪ استعمال تيزابيت جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

حمل دوران واڱڻ جو وڌيڪ استعمال ٻار ضايع ٿيڻ جو خطرو به وڌائي سگهي ٿو، واڱڻ جو اثر گرم هوندو آهي ۽ اهو پيدا ٿيندڙ ٻار لاءِ به نقصانڪار سمجهيو ويندو آهي، تنهن ڪري عورتن کي حمل دوران واڱڻ جو استعمال نه ڪرڻ جي صلاح ڏني ويندي آهي.

حمل دوران واڱڻ وڌيڪ کائڻ سان ٻار جي وقت کان اڳ پيدائش جو خطرو به هوندو آهي، حقيقت ۾ واڱڻ کي ٽاڪسوپلاسموسس واري مٽي ۾ پوکيو ويندو آهي ۽ ان جو وڌيڪ استعمال وقت کان اڳ ٻار جي پيدائش جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

حمل دوران واڱڻ جو استعمال مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو، تنهن ڪري توهان کي مٿي ٻڌايل ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي، گڏوگڏ ڊاڪٽر سان مشورو به ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.