دل جو دورو انسان جي لاءِ موتمار هجي ٿو پر ڇا ڪنهن کي خبر آهي ته انساني جسم دل جي دوري کان هڪ مهينو اڳ يا ان کان به پهريون خبردار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي.
ٿڪاوٽ هڪ اهڙي علامت آهي جيڪا 70 سيڪڙو دل جي مريض عورتن ۾ ڪيترائي هفتا اڳ سامهون ايندي آهي، غير معمولي حد تائين جسماني ٿڪاوٽ دل جي دوري ڏانهن اشارو ڪري ٿي، جيڪڏهن اها ٿڪاوٽ ڪنهن جسماني يا ذهني سرگرمي جو نتيجو نه هجي ۽ ڏينهن پورو ٿيڻ تي ان ۾واڌ ٿي وڃي ته ان ڏانهن ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي.