گرين ٽي جسم جي اهم عضوي کي ناڪارا ڪري ٿي: ماهرن جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسان سڀ پنهنجي صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ وزن گهٽائڻ جا سولا طريقا ڳوليندا آهيون ۽ ان لاءِ هڪ ڪپ چانهه پيئڻ کان وڌيڪ سولو ڇا ٿي سگهي ٿو؟ خاص طور تي هڪ اهڙي چانهه جيڪا اسان کي ورهين کان معجزاتي علاج جي طور تي بيان ڪري وڪرو ڪئي ويندي رهي آهي.

ٻوٽن ۽ ٻين شين تي ٻڌل شين جيئن سائي چانهه، ڪينسر، دل ۽ ميٽابولڪ مسئلن کي روڪڻ، سوڄ مخالف خاصيتن ۽ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جون صلاحيتون ٻڌائي وڪرو ڪئي ويندي اهي.

اصل ۾ اڄوڪي دور ۾ سائي چانهه دنيا جي ٻي سڀ کان وڌيڪ واپرائي ويندڙ شئي آهي ۽ تازو وزن ۾ لاٿ لاءِ ان جي استعمال جي مقبوليت وڌي رهي آهي.

سائي چانهه تي ٻڌل شيون پاڪستان ۽ پرڏيهه ۾ ٻنهي جاين تي زور وٺي رهيون آهن پر ان سان گڏوگڏ سائي چانهه جي وڌندڙ استعمال سان ٿيندڙ امڪاني نقصانن بابت به شاهديون گڏ ٿي رهيون آهن.

اسرائيل جي ڪليٽ هيلٿ سروس ۽ ڪپلان ميديڪل سينٽر طرفان ڪيلهڪ نئين تحقيق ۽ عالمي اڪيڊمڪ رسالي ۾ شايع ٿيل هڪ نئين تحقيق ۾ پتو لڳايو ويو آهي ته هي پراڊڪٽس جگر جي سوڄ کان ويندي مڪمل طور تي جگر جي ناڪامي تائين جگر کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.

اهو مطالعو ڪپلن جي معدي ۽ اندروني دوائن جي ماهر پروفيسر سٽيون ميلنگ ڪيو.

مطالعي موجب سائي چانيهه پيئڻ جي ڪري ٿيندڙ جگر جي سوڄ جا 100 کان وڌيڪ دستاويزي ڪيسز آهن.

اها سوڄ چانههجي ٻوتي ۾ نباتاتي زهريلي مواد جي سڌي ريت موجودگي ۽ ميٽابولڪ رد عمل جو نتيجو آهي.

ڪجهه معاملن ۾ وڌيڪ سائي چانهه پيئڻ خاص طور تي عورتن ۾ جگر جي خرابي جو سبب بڻيو آهي

مطالعي ۾ چيو ويو آهي ته في الحال اهو واضح ناهي ته ان جون ڪهڙيون شيون جگر کي نقصان پهچائين ٿيون ڇو ته هن ۾ مختلف قسمن جا مرڪب وڏي انگ ۾ موجود آهن.

اهو واضح آهي ته ڪجهه ماڻهن لاءِ سائي چانهه کي ٻين دوائن ۽ جڙي ٻوٽين سان ملائي پيئڻ جگر جي بيماري جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

اهو نوٽ ڪرڻ ضروري آهي ته سائي چانهه پيئڻ جي ڪري جگر جي سوڄ ۽ جگر جي خرابي گهٽ ٿئي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.