ڊپريشن هڪ اهڙو مرض آهي، جنهن سان موجوده دور ۾ هر عمر جا ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن.
ڊپريشن جا مريض دماغي ۽ جسماني، ٻنهي قسم جي مسئلن کي منهن ڏيندا آهن.
پر سٺي ڳالهه اها آهي ته ڊپريشن کان بچڻ انتهائي آسان به آهي.
حقيقت ۾ جسماني ورزش ڊپريشن جي علامتن جي شدت ۾ گهٽتائي آڻيندي آهي، جڏهن ته مزاج تي به خوشگوار اثر پوندا آهن.
ضروري ناهي ته ان مقصد لاءِ جم جو رُخ ڪيو وڃي پر عام ۽ آسان ورزشن سان به توهان ڊپريشن کي پاڻ کان پري رکي سگهو ٿا.
اچو ته اهڙين ورزشن بابت ڄاڻيون، جيڪي جسم سان گڏ دماغي صحت کي به فائدو پهچائين ٿيون.
پنڌ ڪرڻ
پنڌ ڪرڻ لاءِ ڪنهن خرچ جي ضرورت ناهي ۽ اهو ڪنهن به وقت ڪرڻ ممڪن آهي، پنڌ ڪرڻ سان دٻاءُ گهٽجندو آهي، انزائٽي جي علامتن جي شدت گهٽجندي آهي ۽ ناڪاري خيالن مان ڇوٽڪارو ملندو آهي.
هڪ تحقيق موجب روز رڳو 15 منٽ پنڌ ڪرڻ سان ڊپريشن جو خطرو 26 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي.
جاگنگ
جيڪڏهن پنڌ کان ٿوري سخت ورزش ڪرڻ چاهيو ٿا ته جاگنگ کي آزمايو، جڏهن ته ڊڪندا آهيون ته اسان جي دماغ ۾ اينڊروفن نالي هارمون جي مقدار وڌندي آهي، جنهن سان مزاج تي خوشگوار اثر پوندا آهن.
جاگنگ ڪرڻ سان ننڊ جو معيار به بهتر ٿيندو آهي، جنهن سبب ڊپريشن سان متاثر ٿيڻ جو خطرو گهٽ هوندو آهي.
مسلز ٺاهڻ واريون ورزشون
مسلز ٺاهڻ واريون ورزشون دماغي صحت لاءِ به فائديمند آهن، انهن ورزشن سان ڊپريشن جو شڪار ٿيڻ جو خطرو گهٽ ٿيندو آهي يا ڊپريشن سان متاثر ٿيڻ جي علامتن جي شدت ۾ گهٽتائي ايندي آهي.
ان لاءِ ضروري ناهي ته جم وڃو پر گهر ۾ پش اپس ۽ ڊمبلز جو استعمال به ڪري سگهو ٿا.
يوگا
يوگا ڪرڻ جي عادت سان به دماغي صحت بهتر ٿيندي آهي، يوگا دوران دماغ کي ناڪاري خيالن کان ڇوٽڪارو ملندو آهي.
رقص ڪرڻ
جيڪڏهن رقص ورزش طور ڪجي ته ان سان انزائٽي گهٽجندي آهي، جڏهن ته اعتماد به پيدا ٿيندو آهي، رقص جا ڪيترائي قسم آهن ۽ سڀئي صحت لاءِ فائديمند آهن.
جيڪڏهن توهان سڀني جي سامهون رقص نٿا ڪري سگهو ته اهو ضروري به ناهي، اڪيلائي ۾ رقص ڪري به دماغي صحت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.