وزن گهٽائڻ لاءِ پاڻي پيئڻ جو بهترين اصول!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انساني جسم جو 70 سيڪڙو حصو پاڻيءَ سان ٺهيل آهي پاڻي انساني زندگي لاءِ لازمي شيءِ آهي جنهن کان سواءِ زندگي ممڪن ناهي. هر انسان کي فٽ رهڻ لاءِ روزانو تقريبن 2 ليٽر پاڻي پيئڻ گھرجي، پاڻيءَ ۾ زيرو ڪيلوريز هونديون آهن ۽ اهي جسم ۾ موجود وڌيڪ ڪيلوريز کي به گھٽ ڪرڻ ۾ مد ڪنديون آهن. سموري دنيا ۾ اهو تاثر گھڻو عام آهي ته هلڪو گرم پاڻي وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ گھڻو فائديمند آهي ۽ وزن گھٽ ڪرڻ جي خواهش رکندڙ ماڻهن کي هلڪو گرم پاڻي تجويز ڪيو ويندو آهي پر ڇا واقعي اهو سچ آهي ته ٿڌي پاڻيءَ جي ڀيٽ  هلڪو گرم پاڻي وڌيڪ بهتر آهي. ٿڌي پاڻيءَ جا نقصان ٿڌو پاڻي رت ۾ موجود چرٻيءَ کي ٺوس بڻائيندو آهي ۽ کاڌي جي جزن کي جذب ڪرڻ ڏکيو بڻائيندو آهي ان کان علاوه ٿڌو پاڻي هاضمي واري نظام جي عمل کي به سست بڻائيندو آهي جنهن سبب اسان جي جسم کي کاڌو هضم ڪرڻ دوران پانيءِ گرمائش يا ٿڌاڻ کي معمول تي آڻڻ لاءِ واڌارو ڪم ڪرڻو پوندو آهي. گهٽ گرم پاڻي جا فائدا، هلڪو گرم پاڻي هاضمي جي نظام لاءِ گھڻو فائديمند آهي. کاڌو کائڻ کان اڳ هلڪو گرم پاڻي هاضمي جي نظام کي تيز ڪري ڇڏيندو آهي جنهن سان کاڌو جلدي هضم ٿيندو آهي. جڏهن ته نيرن کان اڳ هڪ ڪوپ هلڪو گرم پاڻي جسم ۾ موجود زهريلي مادن کي خارج ڪرڻ ۾ به گھڻي مدد ڏيندو آهي. ٿڌي پاڻي ءَ جي ڀيٽ ۾ هلڪي گرم پاڻيءَ جا فائدا آهن پر جڏهن ڳالهه وزن گھٽائڻ جي هجي ته پاڻي جو گرم هجڻ يا ٿڌو اهو  ڪا به اهميت نٿو رکي. وزن گھٽائڻ جي خواهشمند ماڻهن لاءِ ضروري آهي ته هو گھڻي مقدار ۾ پاڻي پيئن. ڇو ته ان ڳالهه جو ڪو به ثبوت ناهي ته هلڪو گرم پاڻي يا گرم پاڻي وزن گھٽائڻ واري عمل کي تيز ڪري ڇڏيندو آهي. جڏهن به ڪو انسان وزن گھٽائيندو آهي ته ان ۾ گھڻا عمل شامل هوندا آهن تنهنڪري توهان رڳو گرم پاڻي پيئڻ کي وزن ۾ گھٽائيءَ سان نٿا ڳنڍي سگھو يا وزن ۾ گھٽائيءَ لاءِ رڳو گرم پاڻي تي ڀاڙڻ نه گھرجي. پر وزن گھٽائڻ جا خواهشمند ماڻهن کي صحت ڏيندڙ خوراڪ سان گڏوگڏ ورزش جي عادت کي به پنهنجي روز مره جي زندگي جو حصو بڻائڻ گھرجي. ان کان علاوه ٻاهران جي تريل شين کان پرهيز ڪندي ميون ۽ سائن ڀاڄين جو استعمال وڌائڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.