ڇا جسماني چرٻي وٽامن ڊي جي کوٽ جو سبب بڻجي ٿي؟

وٽامن ڊي اسان جي جسماني صحت لاءِ گھڻي اهم آهي، اها جسم ۾ هڏن کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ پٺن کي طاقت به فراهم ڪندي آهي جڏهن ته کل جي صحت لاءِ وٽامن ڊي جو مک ڪردار آهي.
سڄي دنيا ۾ ماڻهن جي وڏي انگ وٽامن ڊي جي کوٽ جو شڪار آهي جنهن جا ڪيترائي سبب آهن پر اهم سبب جسم ۾ واڌو چرٻي جو هجڻ به آهي ڇو جو جسم ۾ واڌو چرٻي وٽامن ڊي جي کوٽ جو سبب بڻبي آهي.
وٽامن ڊي ۽ چرٻي جو واسطو ڪيئن آهي؟
خوراڪ وارن ماهرن موجب وٽامن ڊي بنيادي طور تي چرٻي جي جيوگھرڙن جي اندر ڦاسي پوندي آهي جنهن جي ڪري رت جي گدش گھٽجي ويندي آهي ۽ پوءِ اها جسم کي ناهي ملندي ۽ ائين جسم ۾ وٽامن ڊي جي کوٽ ٿي ويندي آهي.
ماهرن موجب ٿولهه ماڻهن کي پنهنجي جسماني ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ وٽامن ڊي جي ٻيڻ تي وڌيڪ ضرورت هوندي آهيل ڇو جو مضبوط هڏا ئي وڌيڪ وزن برداشت ڪري سگھندا.
جسم ۾ وٽامن ڊي کي ڪيئن وڌايو وڃي؟
نيراني ۽ سج لهڻ کان اڳ جي اُس سان وٽامن ڊي حاصل ڪري سگھجي ٿي، روز 15 کان 20 منٽ اُس ۾ بيهڻ وٽامن ڊي جي کوٽ ختم ڪري سگھي ٿو.
ٿولهه جو شڪار ماڻهن کي گھرجي ته اُهي پنهنجو وزن گھٽائين جهن لاءِ کين روز ورزش ڪرڻ جي ضرورت آهي.
بيضا، مڇي ۽ مشروم جهڙن کاڌن جي استعمال سان به وٽامن ڊي جي کوٽ کي پورو ڪري سگھجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.