هر انسان پنهجي شخصيت کي بهتر کان بهتر بڻائڻ چاهيندو آهي، انساني شخصيت کي نکارڻ لاءِ ڏندن کي صاف رکڻ گھڻو ضروري هوندو آهي.
جيڪڏهن اوهان جا ڏند ڦِڪا آهن ته اوهان ان جي ڪري شرمندگي محسوس ڪندا آهيو ته پنهنجي خوراڪ ۾ هنن ميون کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، جنهن سان اوهان جا ڏند اڇا ٿيڻ شروع ٿي ويندا.
ڏند ڦڪا ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن، جن ۾ سڪريٽ ڇڪڻ، وات جي صفائي نه ڪرڻ، جينياتي خرابي يا غير صحت بخش خوراڪ جو استعمال شامل آهن.
ڦڪن ڏندن کان بچڻ لاءِ هيٺ بيان ڪيل ميون کي خوراڪ ۾ شامل ڪيو وڃي ته بهترين نتيجا حاصل ٿيندا.
صوف
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته روزانو هڪ صوف کائڻ سان اوهان جي صحت تي ڪيترائي هاڪاري اثر پوندا آهن.
صوف ۾ ماليڪ ايسڊ (malic acid) موجود هوندو آهي جيڪو ٿُڪ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي ۽ اهو ڏندن کي قدرتي طور تي اڇو ڪندو آهي.
اسٽرابيري
اسٽرابيري ۾ به ماليڪ ايسڊ هوندو آهي جيڪو ڏندن جي اڇاڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، ان ۾ فائبر به هوندا آهن جيڪي وات جي اندر موجود بيڪٽيريا کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.
ڪيلو
ڪيلي ۾ غذائي ريشا، وٽامن بي 6 ۽ مينگنيز (manganese) جهڙا غذائي جُز هوندا آهن، جيڪي وات ۽ ڏندن کي صاف رکڻ ۾ مددگار آهن.
ڪيلي جا گھڻي کان گھڻا فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي کل کي تقريبن هڪ کان ٻن منٽن تائين ڏندن تي رهڙيو.