مٿي ۾ سور هڪ عام حالت آهي پر ڪجهه ماڻهن ۾ اهو گھڻي تڪليف جو سبب بڻجي ويندو آهي. مائگرين به مٿي جي سور جي اهڙي ڪيفيت آهي جيڪا عام طور تي مٿي جي هڪ پاسي ۾ شديد سور جو احساس پيدا ڪري سگھي ٿي.
ان کي اڌ مٿي جو سور به چيو ويندو آهي ۽ اهو اڪثراڱاري، اوڪارا اچڻ، روشني ۽ اڻوڻندڙ تيز آواز کان چڙ ڏياريندو آهي.
گهڻيون شيون مائگرين جي حملي جو سبب بڻجي سگھن ٿيون، عام طور تي مائگرين کي متحرڪ ڪرڻ جو سبب کاڌي ۾ موجود چاڪليٽ ۽ ڪيفين جو گھڻو مقدار ٿي سگھي ٿو.
مائگرين ريسرچ فائونڊيشن موجب، اڌ مٿي جي سور ڪجهه غذائون بڻجي سگھن ٿيون.
ڪيفين ڪيفين جو گھڻو استعمال مائگرين يا اڌ مٿي جي سور جو سبب بڻجي سگھي ٿو.
آمريڪن مائگرين فائونڊيشن موجب، ڪيفين سان حقيقت ۾ مائگرين جي حملن کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي، ان کي ڪڏهن ڪڏهن استعمال ڪرڻ سان مٿي جي سور کان ڇوٽڪارو ملي سگھي ٿو. چاڪليٽ ۽ ڪافي ان جا بهترين ذريعا آهن.
چاڪليٽ
رپورٽ موجب چاڪليٽ کي الڪوحل کان پوءِ اڌ مٿي جي سور جي حملن جو ٻيو سڀ کان عام سبب سمجهيو ويندو آهي.
چاڪليٽ ۾ ڪيفين ۽ بيٽا فينيليٿيلامين ٻئي شامل هوندا آهن، جيڪا ڪجهه ماڻهن ۾ مٿي جي سور جو سبب بڻجي سگھي ٿي.
هٿرادو مٺاڻ
گھڻن پروسيسڊ کاڌن ۾ هٿرادو مٺاڻ هوندو آهي. اهو کنڊ جو متبادل آهي جيڪومٺاڻ جي طور تي کاڌن ۽ شربتن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.
کٽاڻ
کٽاڻ ۾ ٽائرامين جو وڌيڪ مقدار ٿي سگھي ٿو ۽ اها به اڌ مٿي جي سور جو سبب بڻجي سگھي ٿي.
فريز ٿيل غذائون
فريزر ۾ محفوظ ٿيل کاڌن ۽ شربتن جهڙوڪ آئيس ڪريم سِلشي کاڌن سان مٿي ۾ سور ٿي سگھي ٿو. جيڪڏهن اوهان ورزش کان پوءِ ٿڌو کاڌو کائي رهيا آهيو ته اوهان کي مٿي ۾ سور پئجي سگھي ٿو جيڪو اڌ مٿي جي سور جو سبب بڻجي ويندو آهي.
نمڪين غذائون
خاص طور تي نمڪين پروسيسڊ غذائون جن ۾ هاڃيڪار پرزيٽو شامل ٿي سگھن ٿا، ڪجهه ماڻهن ۾ اڌمٿي جو سور جو سبب بڻجي سگھن ٿا. سوڊيم جي اعليٰ سطح جو استعمال بلڊ پريشر کي وڌائي سگھي ٿو، جنهن سان مٿي جو سور يا اڌ مٿي ۾ سور ٿي سگھي ٿو.
مائگرين تڪليف ڏيندڙ ٿي سگھي ٿو ۽ اوهان جي زندگي ۾ خلل وجهي سگھي ٿو. طرز زندگي ۾ ڪجهه تبديليون اختيار ڪري اوهان کي ان جي روڪٿام ۾ مدد ملي سگھي ٿي.
You might also like