نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) اسرائيل تي هن هفتي ايران جي حملي جي ڳجهن اطلاعن کانپوءِ آمريڪا ۽ ٻين اولهه ملڪن ايران کي روڪڻ لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون.
آمريڪا سميت ٻين اولهه ۽ يورپي ملڪن طرفان ايران کي اسرائيل تي حملي کان روڪڻ جون ڪوششون جاري آهن پر هيل تائين ايران اسماعيل هنيه جي قتل جو پلاند وٺڻ تي قائم آهي.
ايران، برطانيا، فرانس ۽ جرمني کي جواب ڏنو ته صبر جي صلاح ڏيندڙ غزا ۾ اسرائيلي حملا بند ڪرائين.
ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ايران کان صبر جو مطالبو ڪرڻ سياسي شعور جي کوٽ ۽ عالمي قانوني اصولن خلاف آهي.
برطانيا، فرانس ۽ جرمني گڏيل بيان ۾ مطالبو ڪيو هو ته ايران ۽ اتحادي اسرائيل تي حملي کان پاسو ڪن، جڏهن ته آمريڪا ترڪيه تي زور ڏنو آهي ته هو ايران کي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ تي راضي ڪري.
Next Post
You might also like