اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري قدم جي حمايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت وٽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه بچيو هو.
انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڌرڻن ۽ احتجاجن سبب ملڪي معيشت کي وڏو نقصان پهچي ٿو.
افغانستان بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جو افغان حڪومت کان رڳو اهو مطالبو آهي ته پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏئي.
هن الزام لڳايو ته افغانستان ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻين دهشتگردن جي موجودگي خطي جي امن لاءِ خطرو آهي.
اسحاق ڊار افغان طالبان تي زور ڏنو ته اهي دهشتگردن کي هٿيارن سميت هر قسم جي مدد ڏيڻ بند ڪن.
خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کانسواءِ حڪومت وٽ ٻيو ڪو چارو نه هو: نائب وزيراعظم
You might also like