فيبروري ۾ رمضان جي آمد، تعليمي ادارن وڏو فيصلو ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي مختلف خانگي اسڪولن ايندڙ رمضان المبارڪ کي نظر ۾ رکندي نئون تعليمي سال معمول کان هڪ مهينو اڳ، پهرين ڊسمبر کان شروع ڪرڻ جي رٿابندي ڪري ورتي آهي.
ايندڙ سال فيبروري ۾ رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ جي امڪان سبب اڪثر خانگي اسڪولن ۾ ساليانا امتحان ڊسمبر بدران نومبر ۾ ڪرائڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي.
اسڪول انتظاميا جو چوڻ آهي ته رمضان المبارڪ دوران اسڪولن جا وقت گهٽجي ويندا آهن، جنهن سبب مقرر وقت اندر نصاب مڪمل ڪرائڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي، ان ڪري تعليمي سال اڳ شروع ڪرڻ سان استادن کي وقت سر مڪمل نصاب پڙهائڻ ۾ مدد ملندي.
ذريعن موجب، ان فيصلي سان ڪتابن جي پبلشرن کي به مالي فائدو پهچڻ جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ ته مارڪيٽ ۾ موجود پراڻي نصاب جي ڪتابن جو ذخيرو آسانيءَ سان وڪرو ٿي سگهندو.
ايندڙ تعليمي سال لاءِ نوان ڪتاب مارچ يا اپريل تائين مارڪيٽ ۾ اچڻ جو امڪان آهي، جنهن سان موجوده ڪتابن جو اسٽاڪ وقت سر ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

You might also like