پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانس جي حڪومت سيڪنڊري تعليم لاءِ وڌيڪ وسيلا فراهم ڪرڻ جي مطالبي تي شاگردن جي ٽن هفتن کان جاري احتجاج کانپوءِ 3 هزار واڌو متبادل استاد مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان قدم کي احتجاج ڪندڙن جي مطالبن جي جواب ۾ حڪومت جي پهرين عملي اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.
فرانس جي تعليم واري وزير ايڊوارڊ جيفري خميس جي شام هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته وزارت نئون ڪمپيوٽر پروگرام استعمال ڪندي، جنهن ذريعي ضرورت موجب واڌو استادن کي لڳ ڀڳ 500 سيڪنڊري اسڪولن ۾ مقرر ڪيو ويندو.
احتجاج دوران خميس ڏينهن سڄي ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 71 هزار ماڻهن مظاهرن ۾ شرڪت ڪئي، جن مان 24 هزار ماڻهو پئرس جي پليس دي لا باستيل ۾ گڏ ٿيا.
واضح رهي ته تعليمي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جو ڊگهي عرصي کان چوڻ آهي ته استادن جي غيرحاضري ۽ سندن جاءِ تي پڙهائڻ لاءِ متبادل استادن جي کوٽ سبب شاگردن جو تدريسي وقت ضايع ٿي رهيو آهي.
نئين پروگرام تحت انهن اسڪولن کي ترجيح ڏني ويندي، جتي استادن جي کوٽ سڀ کان وڌيڪ آهي. انهن ۾ مهاجر آباديءَ جي وڏي انگ وارن شهرن جي ڀرپاسي وارن علائقن جا اسڪول به شامل ٿي سگهن ٿا.
You might also like