لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت پيٽروليم ليوي ختم نه ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات نه ڪندو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ليوي ٽيڪس جو آءِ ايم ايف سان ڪو به تعلق ناهي.
هن چيو ته وفاقي وزير چون ٿا ته ليوي ختم ئي نٿي ڪري سگهجي، ته پوءِ شهباز شريف ملاقات ڇو ڪرڻ چاهي ٿو؟ جڏهن ملاقات جي ڪا ايجنڊا ئي ناهي ته پوءِ وزيراعظم سان ملڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟
هن چيو ته وزيراعظم پيٽروليم ليوي جي صورت ۾ ورتو ويندڙ ڀتو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري.
جيڪڏهن پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ جو اعلان نه ڪيو ويو ته وزيراعظم سان ملاقات نه ڪئي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته احتجاج نه ڪرڻ سبب جماعت اسلامي ڪمزور ٿي وئي آهي ته اها سندس ڀل آهي.
You might also like