ڪلبن ۽ هوٽلن ۾ جنسي سرگرمين لاءِ مجبور ڪرڻ جو الزام، ڪراچيءَ مان دبئي ويندڙ ماءُ ٻن ڌيئرن سوڌو سوگهي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي، ننڍي عمر واري ڇوڪريءَ جي مبينا جنسي استحصال ۽ انساني سمگلنگ جي سنگين خدشن سبب ماءُ ۽ ٻن ڌيئرن سميت ٽن عورتن کي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان آف لوڊ ڪري ڇڏيو.
گڏيل عرب امارتن ويندڙ ٽنهي مسافرن جي سفري دستاويزن ۽ سفر جي مقصد جي تفصيلي جاچ دوران مبينا جنسي استحصال ۽ انساني سمگلنگ بابت خدشا سامهون آيا، جنهن کانپوءِ کين وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل اختيارين حوالي ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي.
اميگريشن ڪليئرنس دوران مسافرن مائرا، عليشه ۽ سندن ماءُ بينه کان سفر جي مقصد، انتظامن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي.
مائرا انٽرويو دوران پنهنجي عمر لڳ ڀڳ 16 کان 17 سال ڄاڻائي ۽ الزام هنيو ته سندس والدين پاسپورٽ ۽ شناختي دستاويزن ۾ عمر اصل عمر کان وڌيڪ ظاهر ڪئي.
هن دعويٰ ڪئي ته کيس گڏيل عرب امارتن ۾ ڪلبن ۽ هوٽلن اندر جنسي سرگرمين ۾ ملوث ڪيو ويو.
شروعاتي جاچ دوران مسافرن جي ماءُ جي موبائل فون مان مبينا ايجنٽ حارث سان واٽس ايپ تي ٿيل ڳالهه ٻولهه به سامهون آئي، جنهن ۾ ويزا، هوائي ٽڪيٽن ۽ سفري خرچن جي انتظامن بابت بحث موجود هو.
پيغامن ۾ ڇوڪرين جي ماهوار آمدني وڌائي 6 لک رپيا ڪرڻ ۽ ٻين ڇوڪرين بابت ڳالهه ٻولهه جو ذڪر پڻ مليو، جنهن جي وڌيڪ تصديق ۽ فارنزڪ جاچ گهربل آهي.
اختيارين موجب، ٻين امڪاني متاثر ڇوڪرين جي سڃاڻپ، مالي رابطن، اڳوڻن سفري انتظامن ۽ والدين سميت سمورن لاڳاپيل ماڻهن جي ڪردار جي تصديق ضروري آهي.
معاملي جي سنگينيءَ کي نظر ۾ رکندي، ٽنهي عورتن کي وڌيڪ تصديق، ڊجيٽل ثبوتن جي فارنزڪ تجزيي ۽ ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ ايف آءِ اي جي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل جي اختيارين حوالي ڪرڻ جي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
مبينا انساني اسمگلنگ، ننڍي عمر واري ڇوڪريءَ جي امڪاني جنسي استحصال ۽ سهولتڪارن جي ڪردار بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like