لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) طرفان سڀاڻي شام سيد زين شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ لاڙڪاڻي ۾ وحدت سنڌ مارچ ڪيو ويندو.
سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو لاڙڪاڻي ۾ رٿيل سنڌ وحدت مارچ جون تياريون مڪمل ڪيون آهن.
ٻئي پاسي ايس يو پي اڳواڻن معظم علي خان عباسي سان ملاقات ڪري کيس 11 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ وحدتِ سنڌ مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
ان موقعي تي معظم علي خان عباسي پارٽي اڳواڻن جي دعوت جو هاڪاري جواب ڏيندي وحدتِ سنڌ مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جو يقين ڏياريو.
You might also like