دهلي ۾ موبائل انٽرنيٽ سروس 24 ڪلاڪن لاءِ معطل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گهرو وزارت گاديءَ واري شهر نئين دهلي جي هڪ حساس علائقي ۾ موبائل انٽرنيٽ سروس عارضي طور معطل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
دهلي پوليس جي اسپيشل سيل طرفان جاري ڪيل خط موجب، جن پٿ ۽ ڪرتويا پٿ جي چوڪ جي چوڌاري چئن ڪلوميٽرن جي دائري ۾ موبائل انٽرنيٽ جون سموريون خدمتون بند رهنديون.
خط موجب، پابندي 9 آڪٽوبر جي رات 10 وڳي کان 10 آڪٽوبر جي رات 10 وڳي تائين لاڳو رهندي.
اختيارين سمورين ٽيليڪام ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته مقرر ڪيل علائقي ۾ موبائل انٽرنيٽ جون سمورا نيٽورڪ ۽ ٽيڪنالاجيز عارضي طور معطل ڪيون وڃن.
ڀارتي گهرو وزارت طرفان انٽرنيٽ سروس معطل ڪرڻ جا سبب فوري طور تي ظاهر نه ڪيا ويا آهن.
دستاويز موجب، گهرو وزارت ٽيلي ڪميونيڪيشن ايڪٽ 2023ع ۽ لاڳاپيل ضابطن تحت موبائل انٽرنيٽ جي سمورين ٽيڪنالاجيز کي عارضي طور معطل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.
ان سلسلي ۾ ايئرٽيل، جيو، ووڊافون آئيڊيا ۽ ايم ٽي اين ايل سميت ٽيليڪام ڪمپنين کي فوري طور حڪمن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like