راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جو پهريون مقابلو سڀاڻي 9 آڪٽوبر تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.
پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ شام 6 وڳي شروع ٿيندي.
پاڪستاني ٽيم جي قيادت صاحبزادا فرحان ڪندو، جڏهن ته سريلنڪن ٽيم ڪوشل مينڊس جي اڳواڻي ۾ ميدان تي لهندي.
ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستاني ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان صاحبزادا فرحان چيو آهي ته ڪپتاني جو دٻاءُ ضرور هوندو آهي، پر عالمي ڪرڪيٽ ۾ ننڍيون يا وڏيون ٽيمون ناهن هونديون ۽ هر ميچ ۾ دٻاءُ هوندو آهي.
هن چيو ته پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ جونيئرز ۽ سينيئرز جو بهترين ميلاپ آهي، سينيئر رانديگرن جي موجودگي سان کيس ڪپتان طور به مدد ملندي.
صاحبزادا فرحان چيو ته خواهش آهي ته پاڪستان جو ٽاپ آرڊر ٽي ٽوئنٽي جي انداز کي نظر ۾ رکندي جارحاڻي بيٽنگ ڪري، جڏهن ته راولپنڊي ۾ ڪرائوڊ جي موجودگي رانديگرن لاءِ هميشه اتساهيندڙ هوندي آهي.
هن چيو ته بابر اعظم ۽ محمد رضوان دنيا جا بهترين رانديگر آهن ۽ اهي ڪنهن به وقت ٻيهر ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ واپس اچي سگهن ٿا.
ٻئي پاسي سريلنڪن ڪپتان ڪوشل مينڊس چيو ته پاڪستان جا فاسٽ بالرَز باصلاحيت آهن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ چئلينجنگ هوندو.
هن چيو ته سريلنڪا جو ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ نوجوان رانديگرن تي ٻڌل آهي، جن ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، جڏهن ته کيس پنهنجي رانديگرن تي مڪمل اعتماد آهي.
ڪوشل مينڊس چيو ته راولپنڊي جي پِچ بيٽنگ لاءِ سازگار نظر اچي رهي آهي ۽ شروعاتي طور ٽن فاسٽ بالرَز سان ميدان ۾ لهڻ جو پلان آهي. سريلنڪا جو بالنگ اسڪواڊ مضبوط ۽ تجربيڪار آهي.
بابر اعظم بابت ڳالهائيندي هن چيو ته بابر اعظم بهترين رانديگر آهي، هو ساڻس گڏ پي ايس ايل به کيڏي چڪو آهي، بابر اعظم هر فارميٽ جي بهترين رانديگرن ۾ شامل آهي ۽ ٽيم ۾ چونڊ نه ٿيڻ تي هو مايوس ٿي سگهي ٿو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻي ٽي ٽوئنٽي 11 آڪٽوبر جڏهن ته ٽِين ۽ آخري ميچ 13 آڪٽوبر تي راولپنڊي ۾ ئي کيڏي ويندي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ آخري ڀيرو پاڪستان ۾ ٿيل ٻطرفي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ سري لنڪا 3-0 تان ڪاميابي ماڻي هئي.
You might also like