اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان سان اقتصادي جائزي بابت ڳالهين جو پڌرنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدو ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان کي 1.21 ارب ڊالر ملندا، جڏهن ته آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ به 1.21 ارب ڊالر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيندو.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان معاشي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ بهترين ڪوششون ڪيون، جڏهن ته آءِ ايم ايف جي پروگرام سبب پاڪستان ۾ معاشي استحڪام آيو ۽ سڌارن جو عمل تيز ٿيو.
پڌرائي موجب، جولاءِ کان مارچ 2026ع دوران پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 4 سيڪڙو رهي، جڏهن ته وچ اوڀر جي بحران سبب اها شرح 3.6 سيڪڙو تائين متاثر ٿي، مئي 2026ع ۾ مهانگائي بلند ترين سطح تي پهتي، جڏهن ته پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي ظابطي ۾ رکيو.
آءِ ايم ايف پيٽرول سبسڊي اسڪيم مرحليوار ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سبسڊي کي وڌيڪ نه وڌايو وڃي ۽ ان کي رڳو حقدار ماڻهن تائين محدود رکيو وڃي. فنڊ مهانگي ۽ وڏي پئماني تي فراهم ٿيندڙ فيول اسڪيم کي فوري طور ختم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو آهي.
پڌرائي موجب، تيل اگهه وڌڻ جي صورت ۾ فيول سپورٽ محدود، ٽارگيٽڊ ۽ مخصوص مدي تائين رکڻ گهرجي.
آءِ ايم ايف توانائي سڌارن ۽ رهتن جي اوڳاڙي بهتر بڻائڻ، پيداواري لاڳت گهٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ، گئس شعبي ۾ وصوليون بهتر ڪرڻ ۽ نقصان گهٽائڻ تي پڻ زور ڏنو آهي.
آءِ ايم ايف چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ کي مهانگائي کي مناسب حد تائين رکڻ لاءِ سخت مالياتي پاليسي برقرار رکڻ گهرجي، جڏهن ته پاڪستان کي پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌائڻا پوندا.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته توانائي شعبي ۾ وقت سر ٽيرف ۾ تبديليون ۽ لاڳت گهٽائڻ واريون سڌارا اڻٽر آهن.
You might also like