مڪو دفاعي معاهدو جارحاڻو نه دفاعي آهي، ترڪي ڪنهن ملڪ ۾ حملي لاءِ فوج نه موڪليندو: هاقان فيدان

انقره (ويب ڊيسڪ) ترڪي جي پرڏيهي وزير هاقان فيدان چيو آهي ته مڪو دفاعي معاهدي کي منظوري لاءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
ترڪ ميڊيا موجب، هاقان فيدان هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته اهو معاهدو دفاعي نوعيت جو آهي ۽ ان تحت ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
خميس ڏينهن انقرا ۾ هنگري جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير انيتا اوربان سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران هاقان فيدان چيو ته ”معاهدي کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ گهربل سمورو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.“
هن چيو ته معاهدي تحت جيڪڏهن معاهدي تي صحيح ڪندڙ ملڪن مان ڪنهن هڪ تي حملو ٿئي ٿو ته ٻيون ٻئي ڌريون ان جي دفاع ۾ ساڻس گڏ بيهنديون، سندس چوڻ هو ته هي جارحاڻي نه، پر دفاعي معاهدو آهي.
هاقان فيدان وضاحت ڪندي چيو ته هن معاهدي تحت ترڪي تي اهو لازم ناهي ته هو پنهنجي فوجي دستن کي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ جارحاڻي ڪاررواين لاءِ مقرر ڪري.
روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جاري جنگ بابت ڳالهائيندي هاقان فيدان خبردار ڪيو ته ان تڪرار کي ڪاري سمنڊ تائين پکڙڻ نه ڏيڻ گهرجي.
هن چيو، ”اسان کي ڪاري سمنڊ کي تڪرار جي نئين محاذ ۾ تبديل ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.“

You might also like