ممبئي (ويب ڊيسڪ) ليجنڊري بالي ووڊ اداڪار نانا پاٽيڪر 75 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو.
پنهنجي انوکي انداز، اداڪاري ۽ يادگار ڪردارن ذريعي هن ناظرين جي دلين ۾ خاص جاءِ ٺاهي.
نانا پاٽيڪر جي پٽ ملهار پاٽيڪر ميڊيا سان سان ڳالهائيندي پنهنجي والد جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، نانا پاٽيڪر کي خميس جي پرهه ڦٽيءَ مهل گوا ۾ سندس رهائشگاهه تي دل جو دورو پيو، هو اپارٽمينٽ ۾ بيهوشي واري حالت ۾مليو جنهن کان پوءِ کيس گوا جي مني پال اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.
گوا جي مني پال اسپتال جي ڊاڪٽرن موجب، نانا پاٽيڪر ديهانت کان ڪجهه دير اڳ پنهنجي هڪ دوست کي پيغام موڪليو هو ته هو ٺيڪ محسوس نه ڪري رهيو آهي.
اطلاع ملڻ تي دوست صبح سوير سندس رهائشگاهه پهتو ته نانا پاٽيڪر پگهر ۾ شل ۽ بيهوشي واري حالت ۾ فرش تي پيل هئو.
مني پال اسپتال جي آنڪولوجي واري شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر شيکر سالونکي ٻڌايو ته اسپتال جي ايمبولينس صبح 4 لڳي 20 منٽن تي نانا پاٽيڪر جي گهر پهتي.
سندس چوڻ هو ته طبي ٽيم پهچندي ئي ترت سي پي آر شروع ڪيو، ڇاڪاڻ ته نانا پاٽيڪر بيهوش هو.
ڊاڪٽرن موجب، نانا پاٽيڪر کي صبح 4 لڳي 30 منٽن تي ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته رستي ۾ به سي پي آر جو عمل جاري رکيو ويو. پر هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ ڪوششن باوجود هو هوش ۾ نه آيو ۽ صبح 5 لڳي 20 منٽن تي کيس فوت قرار ڏنو ويو.
ڊاڪٽر شيکر موجب، جڏهن نانا پاٽيڪر کي اسپتال آندو ويو ته سندس حالت نهايت ڳڻتي جوڳي هئي.
سندس چوڻ هو ته شروعاتي طور اهو ئي تاثر آهي ته نانا پاٽيڪر اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي دم ڏئي ڇڏيو، تنهن ڪري معاملي کي ميڊيڪو ليگل ڪيس طور داخل ڪيو ويو آهي.
اختيارين موجب، لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ گوا ميڊيڪل ڪاليج منتقل ڪيو ويو آهي ۽ قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو.
ڀارتي وزيراعظم جو پيغام
ٻئي پاسي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي نانا پاٽيڪر جي لاڏاڻي تي ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ”هو انهن ٿورن اداڪارن مان هئو، جن جي جذبن جي شدت، انوکي شخصيت ۽ اسڪرين تي موجودگي بي مثال هئي.“
مودي چيو ته ”نانا پاٽيڪر هر ڪردار ۾ غيرمعمولي ورائٽي ۽ تخليقي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو ۽ اهڙا ڪردار ادا ڪيا، جيڪي نسلن تائين ياد رکيا ويندا.“
سندس چوڻ هو ته ”نانا پاٽيڪر کي چٽي موقف ۽ کليل راءِ سبب به عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو ۽ هو پنهنجي نظرين جي اظهار کان ڪڏهن به نه هٻڪيو.“ .
هن چيو ته ”هندي ۽ مراٺي سئنما لاءِ نانا پاٽيڪر جون خدمتون انتهائي اهم آهن، سندس وفات سان اهڙو خال پيدا ٿيو آهي، جنهن کي ڀرڻ ڏکيو هوندو، هن نانا پاٽيڪر جي خاندان، دوستن ۽ لکين مداحن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.“
”اڄ واقعي هڪ دور پنهنجي پڄاڻي تي پهتو“
بالي ووڊ اداڪار رتيش ديشمُک نانا پاٽيڪر جي ديهانت تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ”اڄ هو لفظن کان محروم آهي ۽ ائين محسوس ٿي رهيو آهي، ڄڻ سندن دل مٿان وڄ ڪِري پَئي آهي.“
پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن لکيو، ”نانا هليو ويو… رڳو اهو هڪ جملو ئي منهنجي وجود کي ٿوڏڻ لاءِ ڪافي آهي.“
هن نانا پاٽيڪر کي اداڪاري جو اهڙو عظيم ستارو قرار ڏنو، جنهن جي فنڪاراڻي وسعت جي ڪا حد نه هئي.
سندس چوڻ هو ته” نانا ڪڏهن هيرو، ڪڏهن ولن ۽ ڪڏهن مزاحيه ڪردارن ذريعي ناظرين جي دلين ۾ اهڙي جاءِ جوڙي، جا هميشه قائم رهندي.“
هن چيو ته” نانا پاٽيڪر رڳو پردي جا هيرو نه هو، پر حقيقي زندگي ۾ به هڪ غيرمعمولي انسان هئا.
رتيش ديشمُک موجب، کيس ”بلف ماسٽر“ ۽ ”هائوس فل 5“ ۾ نانا پاٽيڪر سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، پر ساڻس ڪنهن مراٺي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش هميشه اڌوري رهندي.
پنهنجي پيغام جي پڄاڻي تي رتيش نانا پاٽيڪر جي پوئنرن، دوستن ۽ لکين مداحن سان تعزيت ڪندي چيو ته ”توهان جون ڳالهيون، توهان جو اتساهه، پٺيءَ تي شاباشي جي اها ٿڦڪي ۽ دل کولي ڏنل ٽهڪَ، اها ئي منهنجي اصل پونجي آهي، اڄ واقعي هڪ دور پنهنجي پڄاڻي تي پهتو آهي.“
نانا پاٽيڪر جي وفات تي سينيئر ڀارتي صحافي راج ديپ سرديسائي به اداڪار کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي لکيو ته ”هڪ شاندار اداڪار، پر ان کان به وڌيڪ هڪ پيارو دوست، نانا پاٽيڪر هاڻي اسان ۾ ناهي رهيو. ڪجهه دير اڳ هو گوا ۾ ديهانت ڪري ويو .“
سندس چوڻ هو ته ”ڪالهه ئي ساڻس فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، سندن آخري لفظ هئا:پنهنجو خيال رکجانءِ، راجا.“
راج ديپ سرديسائي وڌيڪ چيو ته ”مان توهان کي پردي تي به ۽ پردي کان ٻاهر به تمام گهڻو ساريندس ڪندس، نانا صاحب، سٺي ۽ خراب، هر دور ۾ توهان هميشه منهنجي ڀر ۾ موجود رهيا.“
فلمن کان او ٽي ٽي تائين
نانا پاٽيڪر آخري ڀيرو وشال ڀردواج جي رومانوي ايڪشن ٿرلر فلم ”او روميو“ ۾ نظر آيا هو.
فيبروري 2026ع ۾ رليز ٿيل هن فلم ۾ پاٽيڪر ممبئي انٽيليجنس بيورو جي سربراهه اسماعيل خان جو ڪردار ادا ڪيو هو.
هن انيل ڪپور جي فلم ”صوبيدار“ ۾ به اداڪاري ڪئي هئي، جنهن جو پريميئر مارچ 2026ع ۾ پرائم وڊيو تي ٿيو هو.
ان کان اڳ هو ”هائوس فل 5“ (2025ع) ۽ ”ونواس“ (2024ع) ۾ به نظر آيو.
پاٽيڪر 2026ع ۾ پرڪاش جها جي سياسي ڊراما ويب سيريز ”سنڪلپ“ ذريعي او ٽي ٽي تي به ڊيبيو ڪيو، جنهن ۾ هن ماٽ صاحب/ڪنهايا لال جو مُک ڪردار ادا ڪيو.
نانا پاٽيڪر جو فلمي سفر
نانا پاٽيڪر هندي ۽ مراٺي سينيما جي مشهور اداڪارن مان هڪ هو ۽ سندن ڪيريئر اٽڪل پنجن ڏهاڪن تي ٻڌل هو.
سندس اداڪاري ”پرندا“، ”پراهار: دي فائنل اٽيڪ“، ”ڪرانتي وير“، ”اگني ساڪشي“، ”خاموشي: دي ميوزيڪل“، ”اب تڪ ڇپن“ ۽ ”ويلڪم“ جهڙين فلمن ۾ تمام گهڻي ساراهي وئي.
اداڪاري کانسواءِ پاٽيڪر ”پراهار: دي فائنل اٽيڪ“ جي هدايتڪاري به ڪئي هئي.
سئنما ۽ آرٽ جي شعبي ۾ خدمتن جي اعتراف ۾ کيس 2013ع ۾ پدم شري سان نوازيو ويو هو.
نانا پاٽيڪر 1978ع ۾ رليز ٿيل فلم ”گمن“ ذريعي بالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪيو هو.
2000ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ سندس اداڪاري کي وڏي پئماني تي موٽ ملي، خاص طور تي ”شڪتي: دي پاور“ (2002ع)، ”اب تڪ ڇپن“ (2004ع)، ”اپهرن“ (2005ع) ۽ ”ٽيڪسي نمبر 9211“ (2006ع) ۾.
2007ع ۾ رليز ٿيل ڪاميڊي فلم ”ويلڪم“ ۾ گينگسٽر اُدي شيٽي جي ڪردار ناظرين کي تمام گهڻو وندرايو.
هن اهو ڪردار ”ويلڪم بيڪ“ (2015ع) ۾ به ورجايو.
پاٽيڪر ڪاميڊي ٿرلر ”هائوس فل 5“ ۾ به سپورٽنگ رول ۾ نظر آيو هو.
2010ع ۾ هن سياسي ٿرلر فلم ”راج نيتي“ ۾ ڪم ڪم ڪيو ، جنهن لاءِ کيس بهترين مددگار اداڪار جي زمري ۾ پنجين ڀيرو فلم فيئر ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو.
اداڪاري کانسواءِ پاٽيڪر پلي بيڪ سنگنگ ۾ به پنهنجي آواز جو جادو ڏيکاريو.
هن ”يشونت“ (1997ع)، ”وجود“ (1998ع) ۽ ”آنچ“ (2003ع) جهڙين فلمن ۾ ڳائڻي طور به خدمتون انجام ڏنيون.
نانا پاٽيڪر جو ڪيريئر پنجن ڏهاڪن تي ٻڌل هو، جنهن دوران هن اداڪاري، هدايتڪاري ۽ ٿيٽر، ٽنهي شعبن ۾ ڪم ڪيو.