پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ واپار ٻيڻو ڪرڻ جو هدف، آبناءِ هُرمُز ۽ باب المندب جي تحفظ تي به اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ(پاڪستان ۽ بحرين آبناءِ هرمز ۽ باب المندب مان محفوظ ۽ آزاد سامونڊي اچ وڃ يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي.
خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ پاڪستان-بحرين گڏيل وزارتي ڪميشن جو ٽيون اجلاس ٿيو، جنهن جي گڏيل صدارت پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني ڪئي.
گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ٻنهي ملڪن گڏيل وزارتي ڪميشن جي ٽئين اجلاس جي پروٽوڪول تي صحيحون ڪيون آهن.
هن چيو ته اجلاس دوران مختلف گڏيل ورڪنگ گروپن کي فعال بڻائي اداري واري فريم ورڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن سان باظابطا رابطن ۽ گڏيل وزارتي ڪميشن جي فيصلن تي اثرائتي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي.
اسحاق ڊار موجب ٻنهي ملڪن واپار ۽ سيڙپڪاري جي واڌ، صنعتي سهڪار، زراعت ۽ غذائي تحفظ، مهارتن جي ترقي، اعليٰ تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، لاجسٽڪس ۽ سامونڊي معاملن سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
هن چيو ته اجلاس دوران وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ صبر، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو ويو.
پرڏيهي وزير موجب، ٻنهي ملڪن وچ ۾ آبناءِ هرمز ۽ باب المندب مان محفوظ ۽ آزاد سامونڊي سرگرميون يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، ڇاڪاڻ ته اهي سامونڊي رستا علائقائي ۽ عالمي غذائي ۽ توانائي جي تحفظ لاءِ انتهائي اهم آهن.
اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سفارتي ڪوششن جي حمايت ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ايشيا جي صورتحال، جنهن ۾ افغانستان ۽ سنڌ طاس معاهدو پڻ شامل آهن، تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن ان ڳالهه جي ضرورت تي زور ڏنو ته ڪنهن به پرڏيهي سرزمين کي پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏنو وڃي.
سنڌ طاس معاهدي بابت اسحاق ڊار چيو ته ڀارت طرفان معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل ڪرڻ جو فيصلو عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهي ۽ گڏيل آبي وسيلن کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي خطرناڪ ڪوشش جي عڪاسي ڪري ٿو.
بحرين جي پرڏيهي وزير پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن واپار ۽ سيڙپڪاري بابت گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ ۽ تيل، گئس ۽ معدنيات بابت توانائي جي گڏيل ورڪنگ گروپ جو اجلاس ايندڙ مهيني ڪوٺائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) ۽ پاڪستان وچ ۾ آزاد واپار واري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ بحرين جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جا لاڳاپا انتهائي مضبوط آهن ۽ ٻنهي ملڪن کي ايندڙ ٽن سالن دوران پنهنجي ٻطرفي واپار کي ٻيڻو ڪرڻ گهرجي.

You might also like