واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ جي جاري ڪيل نئين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فيبروري 2026ع ۾ ايراني نار ۾ شروع ٿيل تڪرار سبب پاڪستان، افغانستان، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا تي ٻڌل خطي ۾ ماڻهن جا روزگار جا وسيلا متاثر ٿيا آهن، ان جي نتيجي ۾ گهرن ۽ بنيادي ڍانچي کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته انساني سطح تي به وڏي قيمت ڀوڳڻي پئجي رهي آهي.
رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هن خطي ۾ روزانو 3 ڊالر کان گهٽ آمدني تي زندگي گذاريندڙ ماڻهن مان لڳ ڀڳ 48 سيڪڙو پاڪستان ۾ رهن ٿا.
خطي جي ملڪن بابت جاري ڪيل اقتصادي اَپڊيٽ ۾ عالمي بئنڪ چيو آهي ته لبنان، پاڪستان، شام ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ 40 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ واڌ ٿي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت لبنان ۾ 80 سيڪڙو کان مٿي، گڏيل عرب امارتن ۾ لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو ۽ پاڪستان، اولهه ڪناري ۽ غزا ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ وڌي آهي.
رپورٽ موجب، اگهن تي حڪومتي ڪنٽرول ۽ سبسڊيز واهپيدارن کي فوري اثرن کان ڪنهن حد تائين تحفظ فراهم ڪيو، پر ان جي نتيجي ۾ حڪومتن تي مالي دٻاءُ وڌي ويو، مصر، اردن ۽ تيونس ۾ حڪومتي قرض مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) جي 80 سيڪڙو کان وڌي چڪا آهن، جڏهن ته لبنان ۾ اها شرح 130 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.
عالمي بئنڪ موجب، الجزائر، جبوتي، عراق، مراڪش ۽ پاڪستان کي به قرضن ۽ مالي ضرورتن جي حوالي سان نمايان دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
اهڙي طرح ٻارڻ ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ سبب شام ۽ پاڪستان ۾ احتجاجي مظاهرا به ٿيا آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ غربت جي شرح 2018-19ع کان 2024-25ع دوران روزانو 3 ڊالر جي غربت واري لڪير جي حساب سان 6.4 سيڪڙو پوائنٽس، جڏهن ته روزانو 4.20 ڊالر جي غربت واري لڪير جي حساب سان 3.2 سيڪڙو پوائنٽس وڌي آهي.
رپورٽ موجب، ان عرصي دوران ڪووڊ-19 وبا، 2022ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ، مهانگائي جي بلند سطح، پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ ڊگهي معاشي سڌارن واري عمل غربت ۾ واڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، امڪان آهي ته اهي ناڪاري رجحان 2026ع تائين برقرار رهندا.
عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر، اتر آفريڪا، افغانستان ۽ پاڪستان (MENAAP) دنيا جو واحد خطو آهي، جتي غربت جي شرح وبا کان اڳ واري سطح کان اڃا به وڌيڪ آهي ۽ مسلسل وڌي رهي آهي.
رپورٽ موجب، خطي جي انتهائي غريب ماڻهن مان لڳ ڀڳ اڌ جو تعلق پاڪستان سان آهي، جڏهن ته ٻين غريب ماڻهن جو وڏو انگ افغانستان، شام ۽ يمن ۾ رهي ٿي.
اهي ٽيئي ملڪ جنگين ۽ تڪرارن کان متاثر آهن ۽ انهن ۾ گڏيل طور تي روزانو 3 ڊالر کان گهٽ آمدني تي زندگي گذاريندڙ ماڻهن جو وڌيڪ 47 سيڪڙو حصو رهي ٿو.
آمريڪا-ايران جنگ سبب پاڪستان ۾ غربت وڌي وئي، عالمي بئنڪ ڇرڪائيندڙ انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا
You might also like