پشاور (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير خيبرپختونخوا سهيل آفريدي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي موجودا قدمن مان هڪ ٻيو اوڀر پاڪستان ٺاهڻ جي ڪوشش نظر اچي رهي آهي.
صوبائي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته گورنر طرفان گذريل ڏينهن ڪيل ڊرامو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي.
هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ عوام جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان چونڊيل حڪومت موجود آهي، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي، ڪابينا ۽ حڪومت مڪمل طور فعال ۽ برقرار آهن.
هن چيو ته گورنر چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي گهرائي رهيو آهي ۽ غير آئيني اجلاس ڪري رهيو آهي، گورنر جو اهڙي قسم جي اجلاس جي صدارت ڪرڻ آئين ۽ جمهوريت تي حملو آهي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي ماضيءَ ۾ به غلط ڪردار ادا ڪري چڪي آهي، جڏهن ته موجوده قدمن مان هڪ ٻيو اوڀر پاڪستان ٺاهڻ جي ڪوشش نظر اچي رهي آهي.
وڏي وزير چيو ته ڪنهن کي به جمهوريت تي شب خون هڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين، گورنر غير آئيني ڪم ڪيو آهي. جمهوريت جو نعرو هڻندڙ جماعت ماضي ۾ ذاتي مفادن لاءِ بنگلاديش کي پاڪستان کان الڳ ڪيو.
ذاتي مفادن کي قومي مفادن تي ترجيح ڏيڻ پيپلز پارٽي جو طريقو رهيو آهي، جڏهن ته گورنر جي غير آئيني سرگرمين جو مقصد صوبائي حڪومت کي چڙ ڏيارڻ ۽ ردعمل ڏيڻ تي مجبور ڪرڻ آهي.
خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال بابت ڳالهائيندي سهيل آفريدي دعويٰ ڪئي ته خيبرپختونخوا پوليس وٽ پاڪستان جي ڪنهن به ٻي پوليس جي ڀيٽ ۾ جديد ترين هٿيار ۽ اوزار موجود آهن.
هن چيو ته خيبرپختونخوا پوليس، دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) ۽ اسپيشل برانچ جي صلاحيت ۾ مسلسل واڌارو ڪيو پيو وڃي.
سهيل آفريدي دعويٰ ڪئي ته گذريل 22 سالن دوران 14 هزار انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۽ 22 وڏين فوجي ڪارروائين باوجود مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن مان موجوده پاليسين جي ناڪامي ظاهر ٿئي ٿي.
هن اِها به دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن صوبي جي اسٽيڪ هولڊرز جي تجويزن موجب پاليسي اختيار ڪئي وڃي ته 100 ڏينهن اندر امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي سگهجي ٿي.
وڏي وزير قبائلي ضلعن جي ضم ٿيڻ ۽ مالي وسيلن جي حوالي سان وفاقي حڪومت تي پڻ تنقيد ڪئي.
هن الزام لڳايو ته 2018ع ۾ انضمام باوجود قبائلي ضلعن کي طئي ٿيل مالي حق نه ملي سگهيا، جڏهن ته انتهاپسندي ۽ فوجي ڪارروائين کان متاثر ماڻهن جي معاوضن جي مد ۾ اربين رپيا اڃا تائين واجب الادا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت بي گهر ماڻهن ۽ متاثرن جي مدد لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي ۽ حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ هينئر تائين ان مقصد لاءِ 21 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا آهن.
You might also like