حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي پنياري ٿاڻي جي حد ۾ ڊي ايس پي جي مبينا فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس ڊي ايس پي، سندس زال ۽ ٻن پٽن کي گرفتار ڪري ورتو.
ذريعن موجب، ڊي ايس پي اشرف قريشي مبينا طور ڪنهن معاملي تان ارشاد حسين تي فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ دوران ٻن واٽهڙن ڪامران ۽ آفاق احمد کي به گوليون لڳيون.
اطلاع ملڻ کانپوءِ ايس ايس پي حيدرآباد پنياري ٿاڻي تي پهچي ويو، جتي پوليس ڊي ايس پي اشرف قريشي ۽ سندس گارڊ کي گرفتارڪري ورتو.
پوليس ذريعن موجب، ڊي ايس پي جي گهر تي به ڇاپو هنيو ويو، جتان سندس گهرواري ۽ ٻن پٽن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو، واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.
You might also like