سسٽم ناڪام ٿيڻ جو حل نوان صوبا ناهن، مڪاني حڪومتن کي بااختيار ڪبو

سيوھڻ/ڀان سيد آباد(رپورٽ: خالد ميمڻ+آدم مينگل)سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي چونڊ تڪ جي دوري دوران مختصر دوري تي سيوھڻ شھر پھتو، جتي ھن سيوھڻ جي مڪراني پاڙي ۾ ڪائونسلر علي شير لاشاري جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ڳوٺ ڪرمپور ۾ سيد سڪندر علي شاهه جي نوجوان پٽ احمد علي شاهه جي لاڏاڻي تي ساڻس پڻ تعزيت ڪري ڏک ونڊيو،جنھن بعد وڏي وزير سيوھڻ ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته نون صوبن بابت سنڌ اسيمبلي واضح انداز سان ٺھراءَ پاس ڪري ٻڌائي ڇڏيو آهي ته سنڌ جو عوام نوان صوبا نٿو چاهي، ھن چيو ته سنڌ اسيمبلي ھڪ يا 2 ڀيرا نه پر 8 ڀيرا اھڙا ٺھراءَ پاس ڪيا آهن ۽ مون به چيو ھو ته سنڌ جي عوام کي اھا شي منظور ناهي ته صوبا نه ٺھندا، صوبن جو آئين ۾ طريقيڪار  موجود آهي ته جنهن صوبي جو عوام چاهي ته اھا اسيمبلي پنهنجي چونڊيل نمائندي ذريعي پنهنجي صوبي جو حدون تبديل ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن ٻين صوبن ۾ صوبائي اسيمبلي  قرارداد پاس ڪري ٿي ته اتي ڀلي صوبا ٺاھيا وڃن. ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سسٽم فيل ٿيڻ بعد صوبا ٺاهڻ مسئلي جو حل ناهي، اسان کي مڪاني حڪومتن کي وڌيڪ پاورفل ڪرڻو آهي ۽ اھا اسان جي ڪوشش به آهي، سنڌ واحد صوبو آهي جتي مڪاني نظام آهي ٻين صوبن ۾ مڪاني نظام ئي ناهي، ان ڪري سنڌ اندر مڪاني نظام کي مضبوط ڪرڻ اسان جي منشور ۾ شامل آهي. ھن چيو ته جيڪو صوبو چاھيندو اھو صوبائي اسيمبلي ۾ قرارداد پاس ڪندو پر ھتي سنڌ اندر ان جي ابتڙ آهي ان کان اڳ ڳوٺ مناھيون ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جمهوري اصولن تي يقين رکي ٿي ۽ معاملن کي ڳالهين ۽ مفاهمت ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. هن چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، جن دوران ڪجهه معاملن تي اڳڀرائي ٿي، جڏهن ته ڳالهين جي نتيجي بابت سمورا تفصيل سامهون آهن. وڏي وزير چيو ته ڪوشش اها هجڻ گهرجي ته غيرمعمولي قدمن کانسواءِ معاملا حل ڪيا وڃن، جڏهن ته دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ صورتحال موجب مناسب قدم کڻڻ ضروري آهن. سنڌ ۾ مختلف شھرن ۾ گٽر ن ۾ معصوم ٻار ڪرڻ بابت ڪيل سوال تي وڏي وزير ميڊيا کي ميار ڏيندي چيو ته اھي سوال اوھان نه ڪيو ڇو ته ڪراچي ۾ اھي سوال اڪثر صحافي ڪندا آھن ته ٿر جا ٻار ٽيسٽن ۾ پھرين نمبر تي ڇو ٿا اچن ، ڀان سيدآباد، سيوهڻ هجي يا ڪراچي هجي جتي گٽرن ۾ ٻار ڪرندو اتي ايڪشن ٿيندو.  هن چيو ته ڀان سيدآباد، سيوهڻ ۽ ڪراچي سميت ڪنهن به هنڌ گٽرن ۾ ٻارن جي ڪرڻ جهڙا افسوسناڪ واقعا برداشت نٿا ڪري سگهجن ۽ اهڙن واقعن تي لاڳاپيل ادارن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته وفاقي وزير عليم خان جي روڊ بابت ڳالهه سندس نظر مان گذري آهي ۽ اميد آهي ته ان منصوبي تي اڳڀرائي ٿيندي. هن چيو ته حيدرآباد-سکر موٽروي بابت اڳ به اعلان ۽ افتتاح ٿي چڪو آهي، هاڻي ان منصوبي کي عملي شڪل ڏئي روڊ جي تعمير طرف اڳتي وڌڻ گهرجي. ان کان اڳ وڏي وزير سيد مرادعلي شاه ڳوٺ مناهيون پهچي پ پ اڳواڻ چيف محمد صالح شمن راهپوٽو سان سندس سوٽ وڏيرو محمد عثمان راهپوٽو جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ڳوٺ ويهڙ شريف پهچي پيرآف ويهڙ شريف پيرشفيق احمد ويهڙائي سان مامي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ڳوٺ آبساڻي ۾ وڏيرو ذوالفقار پنهور سان سندس مائٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ٽلٽي ۾ ايڊوڪيٽ عبدالسلام راجپوت سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي اڳوڻو ايم اين اي سردار سڪندر راھپوٽو، اڳوڻو ايم پي اي سيد آصف علي شاهه, سيد حسنين شاهه، شمن علي راھپوٽو، ڊي سي ڄامشورو غضنفر علي قادري, ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا ۽ عملدار پڻ موجود ھئا.

You might also like