ڪوهاٽ(م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته سندس مطالبن جو ڊرافٽ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ان ۾ هڪ به نڪتو غير قانوني يا غير آئيني ثابت ٿيو ته هو لانگ مارچ منسوخ ڪري ڇڏيندو. ڪوهاٽ مان روانگي وقت يونيورسٽي چوڪ تي لانگ مارچ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي ڪوهاٽ جي عوام جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سندن جذبي کي ڀيٽا پيش ڪئي. وڏي وزير چيو ته لانگ مارچ ڪرڻ کان اڳ هن سمورا جمهوري، آئيني ۽ قانوني رستا اختيار ڪيا، پر جڏهن ڪنهن به رستي سان مسئلو حل نه ٿيو ته آخر ۾ پُرامن احتجاج جو رستو اختيار ڪيو ويو. هن دعويٰ ڪئي ته عمران خان سان ملاقات لاءِ وزيراعظم، صوبائي اسيمبلي ۽ عدليه سميت لاڳاپيل فورمن سان رابطو ڪيو ويو، پر ملاقات نه ٿي سگهي. سهيل آفريدي چيو ته جتي انصاف جي اميد هجي پر انصاف نه ملي، اتي آئين پُرامن احتجاج جي اجازت ڏئي ٿو. هن چيو ته لانگ مارچ دوران هو نهتا ۽ پُرامن طريقي سان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا.سهيل آفريدي چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان آپريشنز ۽ ڊرون ڪاررواين باوجود دهشتگردي جو خاتمو نه ٿي سگهيو آهي. وڏي وزير چيو ته مسئلن جو حل سياسي ڳالهين ذريعي ڪڍڻ گهرجي ۽ پختونن جي مفادن تي ڪو سودو قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته خيبرپختونخوا جي عوام چاهي ٿي ته صوبي جا مسئلا صوبائي حڪومت جي پاليسي تحت حل ڪيا وڃن.