بلاول ڀٽو سان پارٽي اڳواڻن جون ملاقاتون

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پارٽي جي مختلف اڳواڻن الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، جن دوران سياسي ۽ تنظيمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.بلاول هائوس ڪراچي ۾ پي پي پي سنڌ جي سينيئر نائب صدر منظور وساڻ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران سياسي ۽ تنظيمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.بلاول ڀٽو زرداري سان پي پي پي ضلعي سجاول جي صدر ۽ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتن جي وزير محمد علي ملڪاڻي پڻ ملاقات ڪئي. هن پنهنجي تڪ جي عوامي مسئلن ۽ انهن جي حل بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگي بابت پڻ آگاهه ڪيو.پيپلز پارٽي جي چيئرمين سان پيپلز لائرز فورم پنجاب جي صدر راحيل ڪامران چيمه بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪري پي ايل ايف جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. سنڌ اسيمبلي جي ميمبر خرم سومرو ۽ سينيٽر مولا بخش چانڊيو پڻ پارٽي چيئرمين سان ملاقات ڪئي ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

You might also like