سعودي عرب ۾ 40 هزار پاڪستاني فوجين جي مقرري افواهه آهي: پاڪستان

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان جي وزارتِ اطلاعات ۽ نشريات سعودي عرب ۾ مڪي دفاعي معاهدي تحت 40 هزار پاڪستاني فوجين جي مقرري بابت خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز جي رپورٽ کي ”قياس آرائي تي ٻڌل“ قرار ڏنو آهي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ’فڪٽ چيڪر اطلاعات ۽ نشريات وزارت‘ نالي اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي جا آپريشنل تفصيل ڳجهاآهن ۽ انهن کي ميڊيا ۾ قياس آرائي جو موضوع نه بڻائڻ گهرجي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حرمين شريفين ۽ سعودي عرب جي سلامتي لاءِ پنهنجي عزم جو اڳ ئي واضح اظهار ڪري چڪو آهي ۽ ان معاملي تي پاڪستان جو موقف غير متزلزل آهي. اطلاعات وزارتِ جو اهو ردعمل رائٽرز جي 3 آڪٽوبر واري رپورٽ کان پوءِ سامهون آيو، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته پاڪستان سعودي عرب جي سرحدن جي دفاع ۽ ڊرون ۽ ميزائل حملن کي روڪڻ ۾ مدد لاءِ 30 هزار کان 40 هزار فوجي سعودي عرب ۾ مقرر ڪيا آهن.رائٽرز جي رپورٽ، جنهن جو حوالو وزارتِ اطلاعات پنهنجي فڪٽ چيڪ ۾ ڏنو، هڪ پاڪستاني عهديدار جي حوالي سان چيو هو ته اهي فوجي دستا گذريل سال کان مختلف مرحلن ۾ سعودي عرب پهتا، جڏهن ته تازو ڇڪتاڻ کان پوءِ به وڌيڪ فوجين جي مقرري ڪئي وئي اطلاعات ۽ نشريات وزارتِ جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙين رپورٽن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪي نامعلوم ۽ غير منسوب ذريعن تي ٻڌل هجن.اطلاعات وزارت موجب جيڪڏهن ڪو سوال هجي ته لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو وڃي، نه ته غير تصديق ٿيل انگ اکر ۽ تفصيل شايع ڪيا وڃن.

You might also like