فزڪس جو نوبيل انعام آمريڪي سائنسدان فرانسس هالزن جي نالي

اسٽاڪ هوم(ع آ نيوز) بيلجيم ۾ پيدا ٿيندڙ آمريڪي سائنسدان فرانسس هالزن کي هن سال فزڪس ۾ نوبل انعام آئس ڪيوب نيوٽرينو آبزرويٽري ۾ سندس شاندار ڪم ۽ ايسٽرو فزيڪل اصل جي اعليٰ توانائي واري نيوٽرينو جي دريافت تي ڏنو ويو. طبعيات بابت نوبيل ڪميٽي جي چيئرمين مارڪ پيئرس چيو ته فرانسس هالزن محققن ۽ انجنيئرن جي هڪ عالمي ٽيم جي اڳواڻي ڪندي هڪ شاندار سائنسي ڊوائس تيار ڪئي.سندس چوڻ هوته فرانسس هالزن جي ثابت قدمي ۽ سائنسي بصيرت فلڪيات جي هڪ نئين قسم جي راهه هموار ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب، 82 ورهين جي فرانسس هالزن جو تعلق بيلجيم سان آهي ۽ هو آمريڪا جي يونيورسٽي آف وِسڪونسن-ميڊيسن سان واڳيل آهي. نوبيل ڪميٽي سان فون تي ڳالهائيندي هن چيو ته سندس لاءِ اهو اعلان هڪ وڏو سرپرائز هو ۽ کيس ان جي ڪا اميد نه هئي.آئس ڪيوب نيوٽرينو آبزرويٽري انٽارڪٽيڪا جي ڏکڻ قطب تي قائم هڪ تحقيقي مرڪز آهي، جنهن جي اڳواڻي يونيورسٽي آف وِسڪونسن-ميڊيسن ڪري ٿي.رائل سويڊش اڪيڊمي آف سائنسز اسٽاڪ هوم ۾ نوبيل انعام جو اعلان ڪيو، هن سال انعام جي مجموعي رقم لڳ ڀڳ 12 لک آمريڪي ڊالر آهي.

You might also like