اداڪارا هانيه عامر جي ٻانهن تي عربي ٻوليءَ ۾ ٺهيل انوکو ٽيٽو مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي، جنهن ۾ زندگيءَ بابت هڪ معنيٰ خيز پيغام لکيل آهي.
هانيه عامر پنهنجي اداڪاري، فيشن ۽ انوکي انداز سبب پاڪستان سميت پرڏيهه ۾ به وڏي انگ ۾ مداح رکي ٿي.
اداڪارا 2016ع ۾ فلم ’جانان‘ ذريعي اداڪاري جي شروعات ڪئي. اداڪاري سان گڏ هانيه عامر فيشن جي دنيا ۾ به پنهنجي منفرد سڃاڻپ ٺاهي آهي. سندس لباس، زيور ۽ ننڍن وارن جو انداز اڪثر مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجندو رهيو آهي.
هانيه عامر جا مختلف ٽيٽو پڻ سندس انداز جو نمايان حصو آهن. هوءَ اڪثر سماجي رابطن واري ميڊيا تي پنهنجون تصويرون ونڊيندي رهندي آهي، جن ۾ سندس ٽيٽو به نظر ايندا آهن.
تازين تصويرن ۾ هانيه جي کاٻي ٻانهن تي ڪلائيءَ جي ويجهو ٺهيل عربي ٻوليءَ واري ٽيٽو تي عربي عبارت ’حب نفسڪ أولا‘ لکيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ’سڀ کان پهرين پاڻ سان محبت ڪريو.‘
هيءَ عبارت ان پيغام جي عڪاسي ڪري ٿي ته ٻين سان محبت ڪرڻ کان اڳ انسان کي پنهنجي قدر ۽ پاڻ سان محبت ڪرڻ سکڻ گهرجي.