حصو ٻيو
سهرياڻي قبيلو: اسان جو ڳوٺ رحمت خان سهرياڻي (رحمت آباد) جنهن کي بِڙدِي به سڏيو ويندو آهي، سو ڪڏهن آباد ٿيو؟ ان لاءِ پڪ سان ڪجهه چئي نه ٿو سگھجي، اندازو آهي ته انگريزن جي دور ۾ آباد ٿيو. اڳ ڳوٺ شهر کان اولهه طرف هڪ ڪلوميٽر پري هوندو هو، هينئر شهر وڌي ويو آهي، تنهن ڪري ذري گهٽ ڪنڌڪوٽ جي حدن ۾ اچي ويو آهي. اسان جو ڳوٺ سنڌ ڍوري جي ڪنڌي تي آباد آهي. اهو ڍورو سنڌو درياءَ جي هڪ ڇاڙهه هو. ان ڍوري جي ڪنڌي تي ڪنڊي جو هڪ ٿلهو وڻ هوندو هو، ڏاڏو سائين ٻڌائيندو هو ته ”هن ڍوري ۾ ٻيڙيون هلنديون هيون ۽ هن ڪنڊي جي وڻ سان ٻيڙين جا پڳهه ٻڌندا هئا.“ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سُر ڏهر ۾ هڪ ڍوري جي ڪنڌي تي ڪنڊي جي وڻ سان مخاطب ٿي ڪي بيت چيا هئا، جن مان نموني طور ٻه بيت هتي پيش ڪجن ٿا:
ڪر ڪي ڳالهڙيون، ڪنڊا ڍور ڌڻين جون،
ڪيئن سي راتڙيون، ڪنهن پر ڏينهن گذارئين؟
*
ڪر ڪا ويهي ڳالهه، ڪنڊا، ڍور ڌڻين جي،
ههڙي اڄ حالِ، ڏکيا ڏينهن گذارئين!
اسان سُهرياڻي ”سُهري فقير“ جي اولاد آهيون، جيڪو وڏو بزرگ هو، سندس مزار ”هئبت“ ڳوٺ جي ويجھو آهي. ڪنهن زماني اتر سنڌ جي سموري علائقي کي ”بُليده“ سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته ان علائقي ۾ بُليدي بلوچن جي اڪثريت هوندي هئي. سُهرياڻي به بليدي آهن. اڄ به جيڪب آباد ۽ ڪشمور ضلعن ۾ بليدي بلوچن جي اڪثريت آهي. سهرياڻين جو سردار خان بهادر چاڪر خان هوندو هو، اتر سنڌ، خاص طور جيڪب آباد ضلعي ۾ سندس وڏو رعب تاب هو. انگريزن کيس خان بهادر جو لقب ڏنو هو ۽ مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا هئا. پڙهيل ٿورو هو، پر ڏاهو گهڻو هو. ڪيس ايمانداريءَ سان هلائيندو هو. علي محمد شاهه راشدي پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾ سندس تعريف ڪئي آهي. پير حسام الدين راشدي به سندس تعريف ڪندو هو. هڪ ڀيري پير حسام الدين شاهه راشدي ٻڌايو ته ”جيڪب آباد ۾ سندس وڏو رعب تاب هوندو هو. وڏو داناءَ هو، پر هڪ غلطي ڪيائين جو پٽن کي علي ڳڙهه ۾ پڙهائڻ کان پوءِ سرڪاري نوڪري وٺرائي ڏنائين، جيڪڏهن پٽن کي سياست ۾ آڻي ها ته توهان سهرياڻين جو اڄ تائين وڏو رعب تاب هجي ها ۽ سياسي طور سهرياڻين جو سج نه لهي ها.“ واقعي پير صاحب جي ڳالهه سورهن آنا صحيح آهي. اڄ سهرياڻين جي سياسي طور پوزيشن انتهائي ڪمزور آهي. ڪو به ايم. پي. اي يا ايم. اين. اي نه آهي. اڳ سهرياڻي ڪنڌڪوٽ شهر جا مالڪ سمجھيا ويندا هئا. پر اڄ حال پورو سارو آهي. پير صاحب چواڻي جيڪڏهن چاڪر خان پنهنجن پٽن کي سرڪاري نوڪرين بجاءِ سياست ۾ آڻي ها ته اڳوڻو جيڪب آباد ضلعو، جنهن ۾ موجوده ڪشمور ضلعو به شامل هو، سياسي طور سهرياڻين جي قبضي ۾ هجي ها ۽ سياسي طور سهرياڻين جو سج نه لهي ها. پر هر ڪمال کي زوال آهي، خان بهادر چاڪر خان جي زماني ۾ سهرياڻين کي هر طرح ڪمال حاصل هو. سنڌ ۽ بلوچستان جا وڏا نواب ۽ سردار چاڪر خان جا سلامي هوندا هئا. پر چاڪر خان جي وفات کان پوءِ سهرياڻين جو زوال شروع ٿيو. اهڙو زوال آيو جو ايم. پي. اي بنجڻ ته پري جي ڳالهه آهي، ڪنڌڪوٽ ميونسپالٽي جي چيئرمئني به هلي وئي.
خان بهادر چاڪر خان جي زماني ۾ ڪيترين ئي بلوچ ذاتين وارا سندس سرداري هيٺ هوندا هئا. سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند انعام خان سردار بڻيو. جيڪو ڪسٽم کاتي ۾ ڪليڪٽر هو، وڏو داناءُ هو. پر سرڪاري نوڪري سبب ڪنڌڪوٽ گهٽ ويندو هو، تنهن ڪري ڪن ذاتين وارن بلوچن سهرياڻين جي سرداري کي ڇڏي پنهنجي ذات جي ڪنهن معتبر کي پنهنجو سردار بڻايو. سردار انعام خان جي وفات کان پوءِ سندس فرزند پرويز احمد خان سهرياڻين جو سردار بڻيو. تمام لائق انسان هو، پر هُو به گهڻو عرصو ڪراچي رهندو هو. سندس وفات کان پوءِ محسن خان سردار ٿيو، جيڪو اعليٰ تعليم يافته آهي. پي. آءِ. اي ۾ جهازن جو پائلٽ آهي. انتهائي شريف ۽ ٻاجھاري طبيعت وارو انسان آهي. خان بهادر چاڪر خان ڪنڌڪوٽ کان ٻاهر هڪ ڳوٺ آباد ڪيو هو، جنهن کي چاڪر آباد سڏيو ويندو هو. اتي هن عاليشان مسجد به ٺهرائي هئي. سندس وفات کان پوءِ سندس پويان لڏپلاڻ ڪري ٻئي هنڌ رهڻ لڳا ته هوريان هوريان اهو ڀريو تريو ڳوٺ اجڙڻ لڳو بقول اسان جي هڪ عزيز ”ڌرتي ڌُٻ هئي“. يعني چاڪرآباد ۾ ماڻهن جا ميڙا متل هوندا هئا. وڏيون محفلون ٿينديون هيون. اوطاق مهمانن سان ڀريل هوندي هئي، جتي وڏا امير ايندا هئا، اتي اڄ ڪو فقير به نه ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته کيس خيرات ملڻ جي ڪا اميد ئي نه آهي. اڄ اتي غريب مسڪينن جا ٻه ٽي گھرڙا آهن. آفرين آهي سردار محسن خان کي جنهن پنهنجي ڏاڏاڻي ڳوٺ کي نئين سر آباد ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. پهريائين هن الله جي گھر يعني مسجد شريف جي مرمت ڪرائي، ان کي خوبصورت بڻايو آهي. سندس ارادو آهي ته هو چاڪر آباد کي هڪ مثالي ڳوٺ بڻائيندو. اتي گھر ٺهرائي ڪن سهرياڻين کي آباد ڪندو. انشاء الله سندس اها آس پوري ٿيندي. چاڪر آباد اهو اڳوڻو اوج ته ماڻي نه سگھندي، پر بربادي کان بچي ويندي، جلد ئي هي ڳوٺ سهڻي نموني آباد ٿي ويندو.
اسان سُهرياڻين جا ٻه پاڙا آهن هڪ چاڪراڻي يعني خان بهادر چاڪر خان ۽ سندس مٽ مائٽ، ٻيو دولتاڻي يعني دولت خان جي اولاد، اسان جو پاڙو دولتاڻي آهي. خان بهادر چاڪر خان جي اثر رسوخ ڪري سهرياڻين کي زمينون مليل هيون. ڪي ننڍا زميندار هئا، ته ڪي وڏا زميندار هئا. مطلب ته سڀ سهرياڻي زميندار هئا. هر ڪنهن جو پنهنجي زمين جي ويجھو ڳوٺ هوندو هو. اهڙي ريت چاڪراڻي ۽ دولتاڻي سهرياڻين جا ڪيترائي ڳوٺ هوندا هئا هر ڳوٺ ۾ اوطاق هوندي هئي، سڀ مهمان نواز هئا. پر هينئر ڪجھه ڳوٺ ويران ٿي ويا آهن. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته، ڪن سهرياڻين زمينون وڪڻي ڇڏيون ڪي ڳوٺ ۾ رهڻ بجاءِ مختلف شهرن ۾ رهڻ لڳا، تنهن ڪري ڳوٺ اجڙي ويا.
هلندڙ