قومون صرف عمارتن، رستن ۽ ڪارخانن سان ترقي نٿيون ڪن؛ قومن جي اصل ترقي انسانن جي تعمير سان ٿيندي آهي ۽ انسان جي تعمير ۾ استاد جو ڪردار سڀ کان اهم آهي. استاد شاگرد جي ذهن کي علم سان، دل کي اخلاق سان ۽ ڪردار کي ذميواريءَ سان سنواري ٿو. هڪ استاد جيڪڏهن پنهنجي پيشي سان ايماندار هجي ته هو پنهنجي هڪ شاگرد ذريعي ڪيترن ئي خاندانن ۽ ايندڙ نسلن تي اثر وجهي سگهي ٿو.
چوندا آهن ته انسان جي زندگيءَ ۾ ٽي مائرون هونديون آهن. هڪ اها ماءُ، جيڪا کيس پنهنجي ڪُک مان جنم ڏئي ٿي، پاليندي ۽ سندس ننڍين ننڍين ضرورتن جو خيال رکندي آهي. ٻي ماءُ استاد آهي جيڪو کيس علم، شعور، اخلاق ۽ زندگيءَ جا گُر سيکاري ٿو. ٽين ماءُ اها ڌرتي آهي، جيڪا مرڻ کان پوءِ انسان جي فاني جسم کي پنهنجي هنج ۾ جاءِ ڏئي ٿي. انهن ٽنهي مائرن مان استاد جو ڪردار ان لحاظ کان منفرد آهي، جو هو انسان کي صرف زندگي گذارڻ نه پر زندگيءَ کي سمجهڻ ۽ سنوارڻ جو هنر سيکاري ٿو.
هر سال 5 آڪٽوبر تي دنيا ۾ استادن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. هي ڏينهن استاد جي عظمت، محنت ۽ خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. استاد اهو انسان آهي، جيڪو پنهنجي علم، وقت، محنت ۽ محبت سان ڪيترن ئي زندگين کي نئين رخ ڏئي ٿو. جن آڱرين سان اسين لکين رپين جا چيڪ سائن ڪريون ٿا، انهن آڱرين کي قلم جهلي لکڻ سيکاريندڙ استاد ئي هوندو آهي. اسين زندگيءَ ۾ ڪنهن به وڏي عهدي تي پهچون، ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، ليکڪ، سياستدان يا آفيسر بڻجون، اسان جي سوچ، علم ۽ صلاحيتن کي جِلا بخشڻ ۾ استاد جو ڪردار بنيادي هوندو آهي. استاد رڳو ڪتاب جو سبق پڙهائيندڙ شخص ناهي، پر هو شاگرد جي شخصيت جو معمار آهي. هو ڪلاس روم ۾ ويهي ٻار کي دنيا جي مختلف حصن جي سير ڪرائي ٿو، چڱي ۽ بري جي سڃاڻپ ڪرائي ٿو ۽ سندس ذهن ۾ سوال ڪرڻ، سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿو. هڪ سٺو استاد شاگرد لاءِ رڳو استاد نه، پر رهنما، مددگار ۽ رول ماڊل بڻجي ويندو آهي.
اسلام ۾ به استاد ۽ علم جي عظمت کي وڏي اهميت حاصل آهي. حضرت محمد ﷺ کي انسانيت جي هدايت، تعليم ۽ تربيت لاءِ استاد بڻائي موڪليو ويو. حضرت علي ڪرم الله وجهه سان منسوب قول آهي: ”جنهن مون کي هڪ حرف به سيکاريو، مان ان جو غلام آهيان.“ هي قول استاد جي عظمت ۽ علم جي اهميت کي انتهائي خوبصورتيءَ سان بيان ڪري ٿو. وقت سان گڏ تعليم جا طريقا به تبديل ٿيا آهن. هڪ دور هو، جڏهن استاد ئي علم جو مرڪزي سرچشمو سمجهيو ويندو هو، پر اڄ انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا ۽ جديد ٽيڪنالاجي علم جا بي شمار وسيلا فراهم ڪيا آهن. تنهنڪري اڄ استاد جو ڪردار صرف معلومات پهچائڻ تائين محدود ناهي رهيو. جديد استاد کي هاڻي سهولتڪار، رهنما ۽ سکيا جي عمل ۾ ساٿي بڻجڻو پوندو.اڄ جو ڪلاس روم خوف جي جاءِ نه، پر سکڻ، سوال ڪرڻ، تجربو ڪرڻ ۽ پنهنجي ڳالھه رکڻ جي جاءِ هجڻ گهرجي. هر ٻار جي سکڻ جي رفتار، صلاحيت ۽ انداز مختلف هوندو آهي. ان ڪري استاد کي پنهنجي روايتي طريقن سان گڏ جديد تدريسي طريقا به اختيار ڪرڻ گهرجن. کيس وقت بوقت پاڻ کان اهو سوال ڪرڻ گهرجي ته: ڇا مان جديد تعليمي ضرورتن مطابق پاڻ کي تيار ڪري رهيو آهيان؟ ڇا منهنجو اندازِ تدريس ٻار ۾ سوچڻ، تخليق ڪرڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري رهيو آهي؟
هڪ بهترين استاد اهو آهي، جيڪو پاڻ به سکڻ بند نه ڪري. نئين علم، جديد تدريسي طريقن، تعليمي ادب ۽ ٽيڪنالاجيءَ کان واقفيت حاصل ڪرڻ سان استاد پنهنجي ڪلاس روم کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهي ٿو. استاد جو پنهنجو علم جي دنيا سان مسلسل ڳانڍاپو ئي شاگردن کي اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهه ڏئي ٿو.ٻار جي تربيت صرف اسڪول ڪاليج يا يونيورسٽيءَ جي ذميواري ناهي. والدين، استاد ۽ سماج گڏجي ٻار جي شخصيت جوڙي سگهن ٿا. اڄ موبائل فون ۽ سوشل ميڊيا جي وڌندڙ استعمال سبب ڪيترائي ٻار ڪتابن، لائبريرين، راندين ۽ صحتمند تفريحي سرگرمين کان پري ٿيندا پيا وڃن. ان صورتحال ۾ والدين ۽ استادن کي گڏجي ٻارن لاءِ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي، جتي ڪتاب پڙهڻ، راند ڪرڻ، تخليقي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ مثبت گفتگو ڪرڻ کي اهميت حاصل هجي. ٻارن کي صرف امتحان پاس ڪرڻ لاءِ نه، پر هڪ سٺو انسان بڻجڻ لاءِ تعليم ڏيڻ ضروري آهي. علم سان گڏ اخلاق، برداشت، احترام، ذميواري ۽ انسانيت جون قدرون پيدا ڪرڻ ئي حقيقي تعليم آهي.
اڄ جي دور ۾ اسان کي اهڙن استادن جي ضرورت آهي، جيڪي رڳو سبق نه پڙهائين، پر شاگردن ۾ خواب ڏسڻ، سوال ڪرڻ، سوچڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو ڪرڻ جو حوصلو پيدا ڪن. اهڙو استاد ئي مستقبل جا باشعور شهري ۽ اڳواڻ پيدا ڪري سگهي ٿو. استاد جي عظمت کي صرف لفظن سان بيان نٿو ڪري سگهجي. استاد جي اصل عزت ان وقت ٿيندي، جڏهن اسان سندس پيشي کي اهميت ڏينداسين، سندس علمي ۽ اخلاقي مقام کي مڃينداسين ۽ تعليم کي قوم جي ترقيءَ جو بنيادي ذريعو سمجهنداسين.
هن عالمي ڏهاڙي تي مان پنهنجي سڀني استادن کي دل جي گهراين سان سلام پيش ڪريان ٿو. اسان پيغمبري پيشي جا امين آهيون؛ جيڪڏهن پنهنجي فرض کي ايمانداري، محبت، محنت ۽ جديد سوچ سان نڀائينداسين ته يقيناً اسان هڪ اهڙي نسل تيار ڪري سگهنداسين، جيڪا علم سان گڏ اخلاق، شعور ۽ انسانيت جي به امين هوندي. استاد کي سلام، جيڪو پاڻ روشني بڻجي ٻين جي زندگين کي روشن ڪري ٿو.