حيدرآباد ريجن جي ڊائريڪٽوريٽ آفيس کي تباهيءَ کان بچايو

اسماعيل خاصخيلي

آءُ رٽائرڊ هاءِ اسڪول ٽيچر هن وقت هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهيان. مُنهنجو اڪثر پنهنجي ڪم سانگي ڊائريڪٽوريٽ آف اسڪول ايڊيوڪيشن حيدرآباد ريجن جي آفيس ۾ وڃڻ ٿيندو رهندو آهي، جڏهن به آئون آفيس ويو آهيان ته اُتي لوڊشيڊنگ جي ڪري بجلي نه هوندي آهي، ان ڪري ڪوبه ڪم نه ٿيندو آهي، ڪمپيوٽر بند، آفيسر غير حاضر، ڪلارڪ پنهنجي جاءِ تي نه هوندا آهن، ٻئي ڪنهن هوادار ڪمري يا ورانڊي ۾ ڪچهريون ڪندي نظر ايندا آهن. مختلف ضلعن کان پنڌ ڪري ڪم لاءِ ايندڙ اسڪول ٽيچر يا ٻيا ملازم مون وانگر دربدر ٿيندا رهندا آهن. هڪڙي ننڍڙي ڪم لاءِ ڪيترا ڀيرا ماڻهن کي ڊائريڪٽوريٽ آفيس جا چڪر هڻڻا پون ٿا. ٻئي طرف هن آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو به قصور گهٽ آهي پر اُتي جي انتظاميه جو وڌيڪ آهي. ڇاڪاڻ ته اونهاري جي سخت گرميءَ ۾ روزانه ڪيترائي ڪلاڪ بجلي نه هجڻ جي ڪري، ڪوبه ملازم هن پُراڻي بلڊنگ جي بند ڪمرن ۾ ويهي ڪم نٿو ڪري سگهي. ان جي ڪري سڄو نظام درهم برهم لڳو پيو آهي. هن ايڊيوڪيشن جي ڊائريڪٽوريٽ جي آفيس بلڊنگ جنهن جو افتتاح اڳوڻي قانون جي وزير غلام نبي ميمڻ 18 اپريل 1965ع ۾ ڪيو هو. هي تعليم کاتي جي انتظامي ريجن آهي. سنڌ جي ٻين ريجنن کان وڏي ريجن هيءَ آهي. هي ريجن 9 ضلعن تي مشتمل آهي جنهن ۾؛ حيدرآباد، ڄامشورو، مٽياري، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، سُجاول، ٺٽو، بدين ۽ دادو ضلعا شامل آهن. هن بلڊنگ ۾ ڊائريڪٽر پرائمري ايڊيوڪيشن ۽ ڊائريڪٽر سيڪنڊري ايڊيوڪيشن جون آفيسون ۽ انهن جو عملو موجود آهي. هتي ڪم ڪندڙ عملي جو ڪُل تعداد 280 ملازمن تي مشتمل آهي. هن ريجن جي 9 ضلعن ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري ٽيچنگ، نان ٽيچنگ ۽ آفيسرن جو تعداد 47530 آهي. ڊائريڪٽوريٽ جي هيءَ آفيس 9 ضلعن جي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ٻارن (شاگردن) جي تعليم ۽ تربيت جو انتظام ۽ سرڪاري ملازمن جي سهولتڪاري ۽ هر ننڍي توڙي وڏي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ذميوار هيءَ ريجنل آفيس آهي.

جيڪڏهن لوڊشيڊنگ جي ڪري هي ادارو غير متحرڪ ٿي ويو آهي، ته ان ريجن سان لاڳاپيل 9 ضلعن ۾ تعليم جي ڪهڙي حالت هوندي ان جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان ڪري سنڌ ۾ هر روز تعليم جو معيار گهٽ ٿي رهيو آهي، وزيرِ تعليم جو سڄو زور هن وقت استادن جي حاضريءَ تي آهي، استاد اسڪولن ۾ پنهنجي ٽائيم تي اچن ۽ ٽائيم تي وڃن، ان لاءِ بايوميٽرڪ ۽ موبائل تي صبح جو چهرو ڏيکارڻ تي لکين روپيه خرچ ڪيا پيا وڃن، اهو پڻ وزيرِ تعليم جو هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي جنهن سان تعليم ۾ بهتري ايندي، پر آئون وزيرِ تعليم سيد سردار علي شاهه صاحب کي گذارش ڪريان ٿو ته حيدرآباد ريجن جي ڊائريڪٽوريٽ آفيس کي مڪمل طرح ڪم ڪرڻ جي لاءِ آفيس ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ کان آجو ڪرڻ لاءِ سولر سسٽم لڳائي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي ۽ ڊائريڪٽرن ۽ ان جي عملي کي سختيءَ سان ٽائيم تي اچڻ جو پابند ڪري، هتي به بايوميٽرڪ جو نظام لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن هي انتظامي ادارو پنهنجي ڊسيپلين ۾ هلي ۽ لاڳاپيل ضلعن ۾ تعليم جي ڪم جي بهتري ٿئي ۽ هن آفيس ۾ ڪم لاءِ پري کان ٻين ضلعن مان ايندڙ ماڻهن جو ڪم هفتن ۽ مهينن جي بجاءِ وقتائتو ان وقت ئي ٿي سگهي.

You might also like