نارووال(ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جا دشمن دهشتگردي ذريعي امن خراب ڪري رهيا آهن، جڏهن ته انتشار ۽ فساد پکيڙي دشمن جو مقصد پورو ڪيو پيو وڃي.
تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته هڪ سياسي پارٽي اسلام آباد ۾ انتشار پيدا ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف اسلام آباد ڏانهن مارچ لاءِ اهو ئي وقت ڇو چونڊيو؟
هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ملڪ دشمن عنصرن جا اوزار نه بڻجن، روڊن تي لٺيون، گوليون ۽ انتشار پاڪستان کي نقصان پهچائيندا.
وفاقي وزير چيو ته حڪومت ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جي سنجيده ڪوشش ڪئي، اتفاقِ راءِ به ٿيو، پر ٻاهران پيغام اچڻ کانپوءِ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون. هن الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا ۾ انتشار پيدا ڪري دهشتگردن کي فائدو ڏئي رهي آهي.