ايرجنسي لاڳو ٿي ته پوءِ پي ٽي آءِ لاءِ مان اڪيلو ئي گهڻو آهيان: گورنر ڪي پي ڪي

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبو بچائڻ لاءِ جيڪڏهن ايمرجنسي لاڳو ڪرڻي پئي ته ضرور ڪنداسين ۽ اهڙي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ لاءِ مان اڪيلو ئي ڪافي آهيان.

صحافين سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته صوبائي حالتون خراب ٿيڻ جي صورت ۾ صدر، وزيراعظم ۽ لاڳاپيل ادارا مناسب سمجهن ته ايمرجنسي لاڳو ڪري سگهجي ٿي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا لانگ مارچ جون ڳالهيون ته ڪن ٿا، پر پشاور ۾ ڪا خاص سرگرمي نظر نٿي اچي. لانگ مارچ دوران رڳو پاڻمرادو گرفتاريون ۽ روپوشيون ڏسڻ ۾ آيون آهن.

فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اهي صوابي پار ڪري ڏيکارين، وٽن ڪا رٿابندي ناهي ۽ هو چاهين ٿا ته مهينو گذري وڃي پر صوابي تائين نه پهچن.

You might also like