اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته گذريل رات ڳالهين جي آخري مرحلي ۾ ڪي پي حڪومت پنهنجي ڪيل واعدن تان ڦري وئي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ محسن نقوي چيو ته ڳالهين دوران ڪي پي حڪومت 72 ڪلاڪن اندر لکت وارو ٺاهه ۽ ان تي عمل جو منصوبو ڏيڻ، دهشتگردي روڪڻ لاءِ صوبائي ذميواري قبول ڪرڻ، هٿياربند فوج سان سهڪار وڌائڻ ۽ دهشتگردن کي صوبي ۾ آزاداڻي ڪارروائي يا محفوظ ٿاڪ ٺاهڻ کان روڪڻ تي اتفاق ڪيو هو.
هن چيو ته ڪي پي حڪومت ٽي ٽي پي، ٽي ٽي اي ۽ ٻين دهشتگرد گروهن جي کليل مذمت، افغان مهاجرن بابت قومي پاليسي جي حمايت ۽ اڳوڻي فاٽا سميت ضم ٿيل ضلعن ۾ دهشتگردي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ تي به راضپو ظاهر ڪيو هو.
محسن نقوي چيو ته آخري مرحلي ۾ ڪي پي حڪومت انهن واعدن کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته صوبي ۾ جنگ جهڙي صورتحال آهي ۽ اهڙي نازڪ وقت ۾ سلامتي جي معاملن کي سياست جي ور نه چاڙهڻ گهرجي.