پاڪستاني اداڪارا ۽ ميزبان ندا ياسر ڇوڪرين ۽ عورتن کي هر ڀيري نوان ڪپڙا خريد ڪرڻ بدران پراڻن ڪپڙن کي ٻيهر نئين نموني سان تيار ڪرائڻ جي صلاح ڏني آهي.
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اداڪارا عورتن کي ڪپڙن بابت اهم صلاح ڏني آهي.
ندا ياسر پنهنجي وڊيو ۾ چيو ته تقريبن ۾ اهو ضروري ناهي ته اوهان نئين لباس لاءِ هر ڀيري پنهنجي والدين يا مڙس کي تنگ ڪريو. ڪڏهن ڪڏهن نئون لباس وٺي سگهجي ٿو، پر هر ڀيري نئون لباس خريد ڪرڻ ضروري ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته گهر جي المارين ۾ رکيل ڪپڙا پائڻ گهرجن. ماڻهو هڪ ڀيرو لباس پائڻ کانپوءِ ٻيهر نٿا پائين. انهن جو خيال هوندو آهي ته نئون لباس پائي سماجي رابطن واري ميڊيا تي تصوير لڳائي ڇڏي آهي، هاڻي اهو لباس ٻيهر نٿا پائي سگهن، پر هاڻي اهو زمانو ناهي رهيو.
هن چيو ته جيڪڏهن پراڻا ڪپڙا ٻيهر پائڻ پسند نٿا ڪريو ته انهن ئي ڪپڙن کي نئين نموني سان تيار ڪرائي سگهجي ٿو. ڪجهه ماڻهو ڪفايت شعاري ڪندا آهن، جيڪا ڳالهه مون کي تمام گهڻي پسند آهي.
اداڪارا پنهنجي مثال ڏيندي ٻڌايو ته منهنجي شادي کي 25 سال ٿيڻ وارا آهن. شادي کانپوءِ گهر لاءِ فرنيچر خريد ڪيو هو، ان فرنيچر جي ڪاٺ تمام سٺي ۽ مضبوط هئي، تنهنڪري مان ساڳئي فرنيچر کي بار بار نئين نموني ۽ نئين ڊزائن ۾ تيار ڪرائيندي آهيان.