سنڌ جي علمي تاريخ به اهڙن ئي شعوري سفرن سان ڀريل آهي. موهن جو دڙو، ديبل، مڪلي، ملتان ۽ مڪران کان وٺي اسلامي دنيا جي مختلف علمي مرڪزن تائين سنڌ جي عالمن، مفڪرن، طبيبن، رياضي دانن ۽ اديبن جو فڪري سفر ڪنهن هڪ جاگرافيائي حد تائين محدود نه رهيو.سنڌ جو علم جڏهن سنڌوءَ جي ڪنارن کان نڪري عرب، آفريڪا ۽ وچ ايشيا تائين پهتو ته علم سرحدن جو پابند نه رهيو. علم جي اها ئي خوبي آهي ته اهو ورهائڻ سان گهٽ نٿو ٿئي، وڌي ٿو.سنڌ جي روايتي سماج ۾ تعليم ۽ هنر جي اها ئي صورت نظر اچي ٿي. ڳوٺن ۾ ڪنڀر، لوهار، ڊکڻ، اڏاڻ، طبيب ۽ ٻيا ڪاريگر موجود هوندا هئا. مٽيءَ جا دلا، مٽ، چاڏيون ۽ ڪونئرا ٺاهڻ کان وٺي زرعي اوزار، بيل گاڏيءَ جو سامان، ڪپڙو، ڪاٺ ۽ ڌاتوءَ جون شيون ٺاهڻ تائين، هر هنر زندگيءَ جي ضرورت سان ڳنڍيل هو.اهو هڪ اهڙو معاشي فلسفو هو، جنهن ۾ روزگار، هنر، خودداري ۽ مقامي پيداوار هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا.
ماڻهو شايد اڄ جي اصطلاح ۾ غريب هئا، پر انهن وٽ ڪيترين شين ۾ خودڪفالت هئي. شين جي شين سان مٽا سٽا ٿيندي هئي، پاڙيسري هڪ ٻئي جي ضرورت بڻبا هئا ۽ هر گهر ۾ ڪو نه ڪو هنر موجود هوندو هو. ان ڪري ڳوٺ رڳو رهائش جون جايون نه، پر ننڍيون ننڍيون معاشي ۽ پيداواري وحدتون به هوندا هئا. شايد اسان کي ماضيءَ ڏانهن واپس وڃڻ جي ضرورت ناهي؛ پر ماضيءَ جي حڪمت کي مستقبل جي ٽيڪنالاجيءَ سان ڳنڍڻ جي ضرورت ضرور آهي.
اڄ جو دور سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جو دور آهي. دنيا جون قومون علم کي پيداوار سان ڳنڍي رهيون آهن، جڏهن ته اسان جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اسڪول موجود آهن پر هنر جا موقعا محدود آهن، ڊپلوما موجود آهن پر روزگار جا رستا محدود آهن، ۽ نوجوانن وٽ قابليت آهي پر پيداوار سان ڳنڍجڻ جا وسيلا گهٽ آهن. نتيجو اهو نڪري ٿو ته ٻهراڙيون آهستي آهستي خالي ٿين ٿيون ۽ شهر آباديءَ جي دٻاءَ هيٺ اچي وڃن ٿا. لڏپلاڻ سان گڏ روزگار، رهائش، صفائي، امن امان ۽ ٻين سماجي مسئلن تي به دٻاءُ وڌي ٿو.
ان ڪري انساني جي ترقيءَ جو رستو صرف وڏن شهرن جي توسيع مان نه، پر ڳوٺن جي معاشي ۽ علمي بحاليءَ مان گذري ٿو. جيستائين ٻهراڙيون خوشحال نه ٿينديون، تيستائين سنڌ جي مجموعي خوشحالي اڌوري رهندي.
ان لاءِ اسان کي اسڪولن، ٽيڪنيڪل ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ فني ادارن کي صرف امتحان پاس ڪرائڻ وارا ادارا نه، پر Knowledge and Production Centres بڻائڻو پوندو ڇو نه هر وڏي اسڪول يا ٽيڪنيڪل اداري سان ننڍو Production Unit قائم ڪيو وڃي, ڇو نه شاگردن کي ڪتابي علم سان گڏ مارڪيٽ جي ضرورت مطابق شيون ٺاهڻ سيکارجن, ڇو نه ڊپلوما ۽ انجنيئرنگ جا نوجوان پنهنجي ئي علائقي ۾ ننڍا ڪاروباري ۽ پيداواري يونٽ شروع ڪن, ڇو نه يونيورسٽيون مقامي صنعتن سان گڏجي اهڙيون شيون تيار ڪن، جيڪي مقامي مارڪيٽ کي گهرجن, اهڙي سوچ سان تعليم روزگار جي منتظر انسان پيدا ڪرڻ بدران روزگار پيدا ڪندڙ انسان پيدا ڪري سگهي ٿي.
شاگردن ۽ نوجوانن لاءِ Entrepreneurship ۽ Incubation Centres اهڙي نظام ۾ درسگاهه صرف علم ڏيندڙ ادارو نه رهندي؛ اها علم، هنر، روزگار ۽ پيداوار جو مرڪز بڻجي ويندي ۽ شايد هتي ئي اسان جي شروعاتي سوال جو جواب لڪل آهي. درسگاهون شخصيتون بڻائن ٿيون، پر عظيم شخصيتون وري اهڙيون درسگاهون بڻائن ٿيون، جيڪي صدين تائين شخصيتون پيدا ڪنديون رهن ٿيون.
اصل مسئلو اهو ناهي ته پهرين شخصيت آئي يا درسگاهه؛ اصل مسئلو اهو آهي ته اسان پنهنجي دور ۾ اهڙو ڪهڙو فڪر پيدا ڪري رهيا آهيون، جيڪو اسان کان پوءِ به انسانن کي روشني ڏئي. قومون صرف عمارتن سان ترقي نٿيون ڪن؛ اهي شعور، علم، هنر ۽ ادارن سان ترقي ڪن ٿيون. سنڌ جو مستقبل به صرف ان وقت روشن ٿيندو، جڏهن اسان پنهنجي ماضيءَ جي علمي عظمت تي فخر ڪرڻ سان گڏ پنهنجي حال کي علم سان ۽ پنهنجي علم کي پيداوار سان ڳنڍينداسين، ڇو ته تاريخ ۾ سڀ کان وڏو ورثو زمين، دولت يا عمارت نه هوندو آهي سڀ کان وڏو ورثو اهو فڪر هوندو آهي، جيڪو انسان کي پاڻ کان اڳتي ڏسڻ سيکاري ۽ جيڪو سماج پنهنجي درسگاهن کي شعور جون تجرباگاهون، پنهنجن ڳوٺن کي پيداوار جا مرڪز ۽ پنهنجن نوجوانن کي علم سان گڏ هنر ڏئي ٿو، اهو سماج صرف پنهنجي حال کي بهتر نٿو بڻائي اهو پنهنجي ايندڙ نسلن جو مستقبل به تعمير ڪري ٿو. علم جيڪڏهن شعور بڻجي، شعور جيڪڏهن هنر بڻجي، هنر جيڪڏهن پيداوار بڻجي ۽ پيداوار جيڪڏهن روزگار بڻجي وڃي ته پوءِ درسگاهه واقعي سماج جي تقدير بدلائي سگهي