24 آڪٽوبر 2026ع تي گڏيل قومن جو ادارو پنهنجي قيام جا 81 سال مڪمل ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ گڏيل قومن جو ادارو 1945ع ۾ وجود ۾ آيو، پر امن ۽ سلامتيءَ لاءِ هڪ عالمي تنظيم جي ضرورت تاريخي طور 14هين صديءَ کان ئي محسوس ڪئي پئي وئي. ان کانپوءِ 1665ع ۾ هيگو گروٽيش پنهنجي مشهور ڪتاب ’جنگ ۽ امن جو قانون‘ لکيو، جڏهن ته وليم پين 1693ع ۾ يورپ جي پارليامينٽ جو تصور پيش ڪيو. ڪانٽ دائمي امن لاءِ ڪجهه تجويزون پيش ڪيون ۽ روسو يورپ جي وفاق جو ماڊل ڏنو. اهڙيءَ طرح عالمي امن لاءِ ڪوششن جو اهو سلسلو 1899ع ۽ 1907ع جي هيگ ڪانفرنسن کان ٿيندو، قومن جي ليگ جي قيام ۽ پوءِ جنگين کي روڪڻ ۾ ان جي ناڪاميءَ کانپوءِ هڪ نئين عالمي اداري، گڏيل قومن جو وجود عمل ۾ آيو.
اڄ ٽرمپ گڏيل قومن جي فورم تي بيهي ايران کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي جهنم ڏانهن ڌڪڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جيڪي دراصل نسل ڪشيءَ جي زمري ۾ اچن ٿيون. ان کان اڳ به ٽرمپ گڏيل قومن کي ”کوکلن لفظن سان ڀريل ادارو“ قرار ڏئي چڪا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته گڏيل قومن جو ادارو ڪيترن ئي موقعن تي مفلوج ٿيندو رهيو آهي، پر ساڳئي اداري انساني حقن جو منشور منظور ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ انساني حقن واري ڪائونسل قائم ٿي، جتي هر سال جنيوا ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران مختلف ملڪن ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت رپورٽون پيش ڪيون وينديون آهن.
ان سان گڏ گڏيل قومن جا اهلڪار ڏکڻ سوڊان ۾ خيمن اندر راتيون گذارين ٿا، جمهوريه ڪانگو ۾ گڏيل قومن جا اهلڪار پنهنجي جان خطري ۾ وجهي ايبولا جي وبا خلاف مسلسل جدوجهد ڪن ٿا ۽ يمن ۾ هٿياربندن جي سامهون بيهڻ جي همت رکن ٿا. يونيسيف ويڪسين ۽ دستن جي بهتر علاج ذريعي اڍائي ڪروڙ انساني جانيون بچايون آهن ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. گذريل سال گڏيل قومن جا 136 ملازم امدادي سرگرمين دوران پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا. غزه ۾ گڏيل قومن جا اهلڪار مسلسل امداد ورهائي رهيا آهن، جڏهن ته ان جي ابتڙ صدر ٽرمپ اسرائيل کي 2 هزار پائونڊ وزني بم فراهم ڪيا آهن، جيڪي رهائشي علائقن جي تباهيءَ لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن. ان باوجود اڄ به گڏيل قومن جا اهلڪار غزه ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ اسرائيلي چوڪين تان امدادي سامان گذارڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.
ٻئي طرف يو ايس ايڊ جي آمريڪي امداد ۾ گهٽتائي سبب هڪ اندازي موجب 7 لک 50 هزار انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. اڄ جيڪڏهن يونيسيف، عالمي خوراڪ پروگرام، گڏيل قومن جو پناهگيرن وارو ادارو ۽ گڏيل قومن جو انساني امداد بابت رابطا آفيس (اوچا) موجود نه هجن ها ته هر سال وڌيڪ لکين ٻار موت جو شڪار ٿين ها.
ياد رکڻ گهرجي ته ٻي عالمي جنگ کانپوءِ گڏيل قومن جي قيام ۾ آمريڪا اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن سان عالمي امن، سهڪار ۽ اتحاد جي عمل کي هٿي ملي. پر اڄ گڏيل قومن بابت مايوس ڪندڙ رويا به آمريڪا ئي سبب سامهون اچي رهيا آهن. تاريخ شاهد آهي ته 1945ع ۾ گڏيل قومن جي قيام کان فوراً پوءِ آمريڪا ۽ يورپي ملڪن گڏجي 1947ع ۾ گيٽ معاهدي تحت عالمي واپار کي ضابطي ۾ آڻڻ شروع ڪيو، پر ان ۾ ٽين دنيا جي ملڪن سان واپار يا انهن جي صنعتي ترقي بابت ڪو ذڪر نه هو. ان دوران دنيا جا اهي ملڪ، جن جي قومي آزاديءَ جي تحريڪن ۾ سوويت يونين مدد ڪئي هئي، گڏيل قومن جا ميمبر بڻجڻ شروع ٿيا ۽ اهڙيءَ طرح 1960ع تائين ميمبر ملڪن جو انگ 60 مان وڌي 99 ٿي ويو، جنهن سبب گڏيل قومن جي ادارن تي آمريڪا پنهنجو تسلط برقرار نه رکي سگهيو.
ان کانپوءِ گڏيل قومن جي سرپرستيءَ هيٺ عالمي واپار، بنيادي شين جي واپار ۽ اتر ۽ ڏکڻ جي ملڪن وچ ۾ نون سرن سان اقتصادي لاڳاپن جو مطالبو زور وٺڻ لڳو. اهڙيءَ طرح سوويت يونين جي مدد سان گڏيل قومن جي ڇٽيءَ هيٺ انڪٽاڊ ۽ يونائيڊو جهڙا ادارا قائم ڪيا ويا، جن ذريعي ٽين دنيا جي ملڪن ۾ تحقيق، تربيت ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جهڙا قدم کنيا ويا. انهن قدمن سان جي ايس پي جي نفاذ لاءِ رستو هموار ٿيو.
ٽين دنيا جي ملڪن کي قرضن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ پيرس ڪلب قائم ڪئي وئي ۽ 1991ع تائين ٽين دنيا جي 50 غريب ملڪن کي 6.5 ارب ڊالرن جي قرضن ۾ رليف ڏنو ويو. پر سوويت يونين جي خاتمي سان ئي ترقي يافته ملڪن گڏيل قومن جي سرپرستيءَ هيٺ ڪم ڪندڙ انهن ادارن کي تباهه ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪي ٽين دنيا لاءِ پاليسيون جوڙيندا هئا، ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.
عالمي مبصر ايندڙ وقت ۾ گڏيل قومن جي اداري جي وڌيڪ ابتري جا امڪان ڏسي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته گڏيل قومن کي هن سال نئون سيڪريٽري جنرل چونڊڻو آهي. ان لاءِ اهڙي بيباڪ ۽ شعور سان مالامال اڳواڻ جي ضرورت آهي، جيڪو هن عالمي اداري کي استعمال ڪندي دنيا ۾ جنگين ۽ انساني بحرانن کي منهن ڏئي سگهي. پر لڳي ٿو ته ٽرمپ ڪنهن اهڙي اميدوار تي ڪڏهن به متفق نه ٿيندو ۽ ممڪن آهي ته ڪنهن اهڙي غيرمعروف شخص تي اتفاق ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ هي ادارو وڌيڪ زوال جو شڪار ٿئي ۽ ايبولا جهڙيون وڌيڪ وبائون به اڀرن، جنگين جو خطرو وڌي ۽ اٺ ارب انسانن جو هي ڌرتيءَ جو گولو وڌيڪ اونداهيءَ جي ور چڙهي وڃي.
اڄ دنيا ۾ تيل جون قيمتون تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن، ايران خلاف ٽرمپ جي جنگ يمن ۽ ڳاڙهي سمنڊ تائين پکڙجي چڪي آهي، جڏهن ته منشيات، وبائون، مصنوعي ذهانت، ڪمپيوٽر هيڪنگ، دهشتگردي، انساني اسمگلنگ، موسمياتي تبديليون ۽ غزه جي جنگ جون تباهه ڪاريون دنيا جي ملڪن کان گڏيل سهڪار تي ٻڌل ردعمل جو تقاضا ڪري رهيون آهن. گڏيل قومن جو ادارو ئي انهن مسئلن جي حل لاءِ اهڙو عالمي فورم فراهم ڪري ٿو. پر ٽرمپ انتظاميا ۽ ان جا اتحادي ملڪ گڏيل قومن کي مسلسل پوئتي ڌڪي رهيا آهن، جنهن سبب هي ادارو لڳ ڀڳ غيرمؤثر بڻجي ويو آهي. ان ڪري ٽين دنيا جي ملڪن کي گهرجي ته اهي متحد ٿي، چين ۽ روس جي مدد سان گڏيل قومن جي اداري جي وقار کي ٻيهر بحال ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪن، جيئن آمريڪا جي عالمي بالادستيءَ وارين پاليسين جو مقابلو ڪري سگهجي.