ايشين گيمز جو آخري دنگل، گولڊ ميڊل کٽڻ لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت سڀاڻي دوبدو

نشين (ويب ڊيسڪ) ايشين گيمز جي مينز ڪرڪيٽ مقابلي جو فائنل سڀاڻي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيو ويندو، جتي ٻنهي روايتي مخالفن وچ ۾ گولڊ ميڊل لاءِ دلچسپ مقابلو ٿيندو.
جپان جي نشين ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ شيڊيول ميچ مقامي وقت موجب صبح 10 وڳي نشين ۾ شروع ٿيندي.
پاڪستان ۽ ڀارت پهريون ڀيرو مينز ايشين گيمز ڪرڪيٽ مقابلي ۾ هڪ ٻئي خلاف ميدان ۾ لهندا. ٻنهي روايتي مخالفن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي مقابلن ۾ ڀارت جو پلڙو ڳرو رهيو آهي ۽ ڀارتي ٽيم پاڪستان خلاف گذريل 6 ٽي ٽوئنٽي ميچون کٽي چڪي آهي.
ايشين گيمز جي سيمي فائنل ۾ ڀارت سريلنڪا کي رڳو 45 رنسن تي آل آئوٽ ڪري آساني سان شڪست ڏني، جڏهن ته پاڪستان بنگلاديش خلاف سيمي فائنل ۾ ڏکيائين کانپوءِ ڪاميابي حاصل ڪئي.
مها دنگل لاءِ پاڪستان جي ڪپتان صاحبزادا فرحان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
هن ڀارت خلاف گذريل ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ ۾ 57، 58 ۽ 40 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته پاڪستان ٽئي ميچون هارايون هيون.
ٻئي پاسي ڀارتي بيٽر سنجو سيمسن به پاڪستان خلاف سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پرعزم هوندو، هو سيمي فائنل ۾ رڳو 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو هو

You might also like