مريم تي حڪم ناهيان هلائيندو، رُسڻ تي پرچائيندي به هوءَ ئي آهي: ڪيپٽن صفدر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته گهر ۾ جهيڙو ٿيڻ کانپوءِ ٺاهه لاءِ اڳڀرائي مريم نواز جي طرفان ئي ٿيندي آهي.
ڪيپٽن (ر) صفدر ويجهڙ ۾ هڪ يوٽيوب پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن سياسي ۽ ذاتي موضوعن تي دلچسپ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
هڪ سوال جي جواب ۾ ڪيپٽن (ر) صفدر ٻڌايو ته هو پنهنجي گهرواري مريم نواز تي حڪم نٿو هلائي، سندس ۽ مريم نواز وچ ۾ ادب، احترام ۽ عزت جو رشتو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان جي شادي کي 35 سال گذري چڪا آهن، 3 ٻار ۽ پوٽا پوٽيون، ڏهوٽا ڏهٽيون به آهن.
هن چيو ته هو ان ڪري ڪابينا جو حصو نه بڻيو، ڇو ته جڏهن وزيراعليٰ مريم نواز ايندي آهي ته سڀني کي اُٿڻو پوندو آهي، ته پوءِ مان ڇو اُٿان؟
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان جهيڙي بابت سوال تي ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته سندن وچ ۾ تمام معمولي نوعيت جا جهيڙا ٿيندا آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ مريم نواز جي طرفان ئي اڳڀرائي ڪئي ويندي آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته گهر ۾ جڏهن مٺائي ايندي آهي ته مريم نواز چوندي آهي ته سڄي لڪائي ڇڏيو، صفدر ئي سڀ کائي ويندو ۽ سندس طبيعت خراب ٿي ويندي.

You might also like