اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ سزائن خلاف داخل اپيلن تي ٻڌڻي 5 آڪٽوبر لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.
چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف تي ٻڌل بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، جڏهن ته عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن کان حتمي دليل طلب ڪيا آهن.
واضح رهي ته اسلام آباد جي هڪ احتساب عدالت جنوري 2025ع ۾ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 14 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي، جڏهن ته سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي پڻ 7 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ يا القادر ٽرسٽ ڪيس 450 ڪنال کان وڌيڪ ان زمين جي عطئي سان لاڳاپيل آهي، جيڪا خانگي هائوسنگ سوسائٽي بحريا ٽائون طرفان القادر يونيورسٽي لاءِ ڏني وئي هئي.
You might also like