ڪراچي (ويب ڊيسڪ(پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان چيو آهي ته هو ڪرڪيٽر طور محمد رضوان جي حمايت ڪري ٿو، ماضي ۾ کيس به اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو هو ۽ سندس معاملو 4 مهينن تائين هليو هو.
خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ يونس خان چيو ته اسان ڪرڪيٽر طور پي سي بي کان وڏا نٿا ٿي سگهون، تنهن ڪري ان معاملي تي احتياط سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي.
يونس خان چيو ته اين سي سي آءِ اي هڪ معتبر ادارو آهي، رضوان کي گهرجي ته هو طريقيڪار تي عمل ڪري، اسان ڪنهن جا وڪيل ناهيون ۽ نه ئي اسان کي هن ڪيس بابت ڪا ڄاڻ آهي.
هن چيو ته محمد رضوان سان سمورو معاملو هڪ سرڪاري دوري دوران پيش آيو آهي، جيستائين ڪيس جو نتيجو سامهون نٿو اچي، ڳالهائيندي احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي.
واضح رهي ته قومي ڪرڪيٽر محمد رضوان کي 2 آڪٽوبر تي منجهند 3 وڳي اين سي سي آءِ اي لاهور ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
محمد رضوان اين سي سي آءِ اي کي جواب ۾ خط لکيو، جنهن ۾ هن 2 آڪٽوبر تي اين سي سي آءِ اي سامهون پيش ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته کيس نوٽيس ملي ويو آهي ۽ هو 2 آڪٽوبر تي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي تصديق ڪري ٿو.
You might also like