واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سندس خيال ۾ ايران ”هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار آهي“.
آمريڪي صدر خميس جي رات ٽيڪساس ۾ خطاب دوران چيو ته سندس خيال آهي ته آمريڪا چونڊن کان سست ئي جنگ ۾ ڪامياب ٿي ويندو، اهو شايد چونڊن کان اڳ به ٿي سگهي ٿو.
ٽرمپ چيو ته “مان يقيني بڻائيندس ته ايران وارو معاملو تمام جلد ختم ٿي وڃي.“
هن چيو ته توانائي جون قيمتون تيزيءَ سان ۽ نمايان حد تائين گهٽجي وينديون.
ٽرمپ موجب، واشنگٽن موجوده ايراني قيادت سان نرمي سان پيش اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته ”سچ پڇو ته اسان کي خبر ناهي ته اسان کي ڪنهن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، ڪو به صدر بڻجڻ نٿو چاهي.“
ٽرمپ جا اِهو بيان اهڙي وقت سامهون آيا آهن، جڏهن ايران سان جنگ بابت آمريڪي حڪومت ۽ ٽياڪڙب جون سفارتي ڪوششون جاري آهن ۽ ٻارڻ جي اگهن ۾ واڌ به بحث جو اهم موضوع بڻيل آهي.
خبر نٿي پئي ته ڪنهن سان ڳالهايان، پر مون کي لڳي ٿو ته ايران هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار آهي: ٽرمپ
You might also like