”ڪالينن گراڊ کي خطرو ٿيو ته روس هڙئي هٿيار استعمال ڪندو“ پيوٽن جي نيٽو کي ڌمڪي

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته روس ڪنهن تي حملو ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي، پر جيڪڏهن نيٽو طرفان اڳرائي ڪئي وئي ته روس جواب ڏيندو ۽ پاڻ وٽ موجود سمورا هٿيار استعمال ڪندو.
پيوٽن ڊسڪشن ڪلب ”والدائي“ جي اجلاس دوران چيو ته ”جيڪڏهن روسي فيڊريشن تي سڌي حملي جي ڳالهه ٿي ۽ ان حوالي سان ڪالينن گراڊ مراد آهي، ته يقينن فوري طور اهو سوال اُٿندو ته روس پاڻ وٽ موجود سمورا هٿيار استعمال ڪري. اهي هٿيار ڪهڙا هوندا، ان جو فيصلو اسان پوءِ ڪنداسين.“
پيوٽن چيو ته روس وٽ هن وقت اهڙا هٿيار موجود آهن، جن جو مثال دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ وٽ نٿو ملي.
سندس چوڻ هو ته اها صلاحيت روس کي يورپ جي ٻن ايٽمي طاقتن، فرانس ۽ برطانيا، تي سرسي ڏئي ٿي.
پيوٽن اهو بيان ڏيندي روسي پرڏيهي وزارت جي هڪ خط جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ نيٽو کي خبردار ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن اتحاد ڪالينن گراڊ واري علائقي کي ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته روس ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
پيوٽن ان خط کي ”ڌمڪي نه، پر اسان کي ڊيڄارڻ جي ڪوششن جو جواب“ قرار ڏنو.

You might also like