اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي وچ ۾ ايوان صدر ۾ ملاقات ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ هڪ گڏيل ڪميٽي قائم ڪئي وئي. ايوان صدر مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل ڪميٽي ۾ محسن نقوي، رانا ثناءُ الله، امير مقام، شيري رحمان، نويد قمر ۽ اعجاز جکراڻي شامل آهن. وفاقي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جو هڪ گڏيل وفد اڄ پي ٽي آءِ جي قيادت سان ملاقات ڪندو ۽ موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪندو.بيان موجب، ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي بحث ڪيو ويو. ايوان صدر مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، ۽ صدر ۽ وزيراعظم ملڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي، دهشتگردي خلاف قومي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ملڪ جي امن ۽ استحڪام لاءِ سڀني لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ اثرائتي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.صدر ۽ وزيراعظم جي وچ ۾ ملاقات ۾ اسحاق ڊار، اعظم نذير تارڙ، رانا ثناءُ الله، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، وزيراعظم جا صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه، سينيٽر سليم مانڊوي والا، شرجيل انعام ميمڻ ۽ ناصر حسين شاهه موجود هئا. ايوان صدر موجب، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جو گڏيل وفد اڄ پي ٽي آءِ قيادت سان ملاقات ڪندو ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله، اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه شرڪت ڪئي.ان کان اڳ، اهو اطلاع هو ته وزيراعظم خيبرپختونخواهه ۾ بگڙجندڙ سياسي صورتحال تي صدر کي اعتماد ۾ ورتو ۽ اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه سان لاڳاپيل سڀني آئيني ۽ قانوني آپشنز تي غور ڪيو ويو ۽ سڀني قانوني پهلوئن تي به بحث ڪيو ويو.مشاورت ۾ صوبائي حڪومت جي بدترين گورننس صورتحال، دهشتگردي خلاف جاري جنگ کان مڪمل لاتعلقي ۽ ان جي ڪري ٿيندڙ نقصانن جو به جائزو ورتو ويندو.