پنهنجون غلطيون ٺيڪ ڪرڻ کان سواءِ ترقي نٿا ڪري سگهون:وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معيشت لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن گڏجي ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪيو، ملڪ جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 21 ارب ڊالر تائين پهچي چڪا آهن، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ بهتري آئي آهي ۽ هاڻي برآمدات ۾ واڌ ڏيکارڻي پوندي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ٽريڊنگ هال ۾ منعقد تقريب کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجون غلطيون درست نه ڪنداسين ته ترقي نٿا ڪري سگهون. معاشي چئلينجن کي نظر ۾ رکندي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان کي ان جي اصل مقام تي آڻڻو آهي. ان شاءَ الله دنيا جي نقشي تي پاڪستان هڪ مضبوط معيشت طور سامهون ايندو.اها تقريب نئين ناظم آباد اپارٽمينٽ ريٽ جي پبلڪ لسٽنگ ۽ عوام طرفان شاندار موٽ جي حوالي سان منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم تقريب ۾ خاص مهمان طور ورچوئل شرڪت ڪئي، جڏهن ته ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ذاتي طور موجود هو. تقريب ۾ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر جميل احمد ۽ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جو چيئرمين پڻ موجود هئا.شهباز شريف چيو ته مان ڪنهن جو نالو وٺڻ نٿو چاهيان، انهن کي سون جا چڻا کارايا ويا، پر ڪارڪردگي نه ڏيکاري. صنعتن کي رت ۽ پگهر جي ڪمائي مان سبسڊي ڏني وئي، پر اڄ انهن جي ڪهڙي حالت آهي؟هن چيو ته مان آمريڪا ۽ برطانيا جي دوري تان واپس آيو آهيان. مشهور بينڪرن ۽ ٻين بينڪرن ملاقاتن دوران چيو ته ڪامياب سفارتڪاري سان سيڙپڪاري جا رستا کوليا ويا آهن.وزيراعظم چيو ته نيا ناظم آباد اپارٽمينٽ ريٽ اسٽرڪچر جو منصوبو ساراهه جوڳو آهي، جڏهن ته خاص طور تي ڪراچي ۾ تعميراتي شعبي ۾ ترقي ٿي رهي آهي.هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ هٿياربند فوجن جي نمائندن جي ڪوششن سان پاڪستان خطي ۾ هڪ مثال بڻجي اڀريو آهي.وزيراعظم چيو ته چيئرمين نيب زمينون واگزار ڪرائي ريڪوري ڪئي آهي، جنهن تي هو چيئرمين نيب ۽ سندس ٽيم جا ٿورا مڃي ٿو.تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته پنهنجو گهر اسڪيم تحت 60 ارب رپين جي رقم جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بئنڪن طرفان 340 ارب رپين جا قرض منظور ڪيا ويا آهن.

You might also like