سنڌ ۾ ريبيز سبب وڌيڪ 2 ٻار فوت، فوتگين جو انگ 37 ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ ريبيز سبب وڌيڪ 2 ٻار فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ صوبي ۾ هن بيماري سبب فوتگين جو مجموعي انگ 37 ٿي ويو، اسپتال انتظاميا موجب ڪراچي جي انڊس اسپتال ۾ ريبيز سبب وڌيڪ ٻن ٻارن دم ڏنو، فوت ٿيل ٻارن ۾ 6 ورهين جي ٻارڙي ابيها ڌيءَ نعمان شامل آهي، جنهن جو تعلق حيدرآباد ضلعي جي لطيف آباد، ايئرپورٽ روڊ واري علائقي سان هو، ٻار جو تعلق دادو ضلعي جي ڳوٺ راضي خان سان هو، عملدارن موجب ٻنهي ٻارن کي ريبيز کان بچاءَ جي ويڪسين نه لڳرائي وئي هئي، اسپتال انتظاميا ٻڌايو ته انڊس اسپتال ڪراچي ۾ هن وقت تائين ريبيز سبب 28 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، انڊس اسپتال بدين ۾ هڪ ۽ جناح اسپتال ڪراچي ۾ 8 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن، انڊس اسپتال ڪراچي ۾ ڪتن جي چڪ جا 14 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.

You might also like