ڪراچي (رپورٽر) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آبادي ۾ واڌ ۽ موسمياتي تبديلي اهڙا ٻه مسئلا آهن، جيڪي پاڪستان جي بقا لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا، اوورسيز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (او آءِ سي سي آءِ) ۾ خطاب ۽ سوالن جا جواب ڏيندي محمد اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن پاڪستان 6 کان 7 سيڪڙو معاشي واڌ جي شرح به حاصل ڪري وٺي، تڏهن به آبادي ۾ سالياني 2.5 سيڪڙو واڌ برداشت نٿي ڪري سگهجي، هن سوال اٿاريو ته 26 ڪروڙ آبادي واري ملڪ کي صحت، تعليم ۽ ٻين ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جيڪڏهن آبادي ساڳئي شرح سان وڌي 40 ڪروڙ ٿي وئي ته ان وقت ڇا ٿيندو؟ اهو سوچڻ جو معاملو آهي، هن چيو ته گذريل اڍائي کان 3 سالن دوران پاڪستان معاشي استحڪام حاصل ڪيو آهي، پر ان استحڪام کي برقرار رکڻ سان گڏ برآمدون وڌائڻ ۽ خانگي شعبي کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 21 ارب ڊالر تائين پهچڻ خوش آئند آهي، جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ پڻ سرپلس ۾ رهيو، محمد اورنگزيب موجب مهانگائي جي شرح سنگل ڊجيٽ ۾ اچي وئي هئي، پر عالمي جنگ ۽ ڇڪتاڻ سبب ان ۾ ٻيهر اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته اپريل 2025 کان هن وقت تائين پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگز ۾ بهتري آئي آهي ۽ ملڪ هن وقت بي ريٽنگ تي آهي، جڏهن ته جلد بي پلس ريٽنگ حاصل ڪرڻ جي اميد آهي، ناڻي واري وزير چيو ته معاشي استحڪام سان مقامي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿئي ٿو، پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ پرڏيهي اداري بدران مقامي سيڙپڪارن دلچسپي ظاهر ڪئي، جڏهن ته شروعاتي ٽن ڊسڪوز ۾ ترڪي ۽ سعودي عرب جي دلچسپي پڻ سامهون آئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ساڍن چئن سالن کانپوءِ لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ پاڪستان جو بانڊ جاري ٿيو ۽ يورپ جا وڏا سيڙپڪار پڻ پاڪستان ڏانهن ڌيان ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته سياسي حالتون ڪهڙيون به هجن، برآمدن جو عمل نه رکجڻ گهرجي. سياسي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ويهي ڳالهائڻو پوندو، ملڪ جون صنعتون بند ٿيڻ سان معيشت کي روزانو تقريباً 120 ارب رپين جو نقصان ٿئي ٿو، وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان ۾ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پيٽروليم شين جي کوٽ پيدا ٿيڻ نه ڏني وئي، عالمي معاهدن سبب پيٽروليم ليڊي ختم نٿي ڪري سگهجي، تنهن هوندي به حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ پيٽروليم سبسڊي فراهم ڪرڻ شروع ڪئي آهي، پاڪستان کي بار بار ادائيگين جي توازن جي بحران کان بچائڻ لاءِ درآمدن تي انحصار گهٽائڻ ۽ برآمدون وڌائڻيون پونديون.